Thursday , March 28 2024

پ پ کي لياري ۾ شڪست، سعيد غني پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، استعيفيٰ جڪو ڪارڻ ڪراچي مان پ پ پ هارائجڻ ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، لياري قومي اسيمبلي جي تڪ تان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هارائجڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٻن تڪن تان پ پ کي شڪست ملڻ بعد سعيد غني کان پ پ جي هڪ اهم شخصيت سخت پڇاڻو ڪيو ۽ ڪارڻ معلوم ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ تي سعيد غني قيادت کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن بعد قيادت کيس عهدي کان الڳ ٿي وڃڻ جي هدايت ڪئي. سعيد غني ڇنڇر ڏينهن 28 جولاءِ تائين پارٽي قيادت کان ڌار ٿيڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقات جي ڪوشش ڪندو رهيو جنهن ۾ کيس ناڪامي ٿي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، 28 جولاءِ (ڇنڇر) تي رات جو دير سان پ پ جي ساڳئي طاقتور شخصيت پنهنجي خاص ماڻهو معرفت سعيد غني سان فون تي رابطو ڪندي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ جو پيغام پهچايو. جنهن کانپوءِ سعيد غني پ پ ڪراچي ڊويزن جي عهدي تان استعيفيٰ قيادت کي اماڻي ڇڏي آهي.

پ پ کي لاڙڪاڻي شهر ۾ 40 سالن کانپوءِ شڪست،پي ايس 11 تي ندا کهڙو هارائي وئي،پي ايس 12 تي سهيل انور سيال ڪامياب

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *