Thursday , April 25 2024

پ پ چيئرمين سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جي عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Gul Jakhrani

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ڊويز سميت 5 ضلعن لاءِ پارٽي اڳواڻن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايم اين اي اعجاز جکراڻي کي پ پ لاڙڪاڻي ڊويز ن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد مان چونڊيل ايم اين اي اعجاز جکراڻي کي لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر  ۽ اعجاز بروهي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي لاءِ عبدالفتاح ڀٽو صدر ۽ خير محمد شيخ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

قمر الدين گوپانگ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جو صدر ۽ پنهل سومرو جنرل سيڪريٽري، شڪارپور ضلعي جو صدر مير عابد ڀيو کي صدر ۽ ذوالفقار ڪماريو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

AIJAZ JAKHRANI

بلاول هائوس جي پڌرائي موجب لياقت لاشاري جيڪب آباد ضلعي جو صدر ۽ عارف دايو جنرل سيڪريٽري، ڪشمور ضلعي جو صدر اڳوڻو ايم اين اي گل محمد جکراڻي صدر ۽ الطاف کوسو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

گذريل هفتي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ڊويزنل ۽  ضلعي عهدايدارن لاءِ پارٽي اڳواڻن جا انٽريوز ڪيا هئا، جن مان صرف لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ان جي ضلعن جي اڳواڻن جا نالا فائنل ڪري فهرست جاري ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *