Friday , March 29 2024

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران بحرياٽائون ۾ ٿيل نقصان جي ازالي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي     سنڌسماءَچار ) پيپلزپارٽي پاران ڇهين جون تي بحريا ٽائون ۾ پيش آيل وقعي سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جو فيصلو، بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊيل ايم پي ايز، پ پ اڳواڻن جي وفد بحرياٽائون جو دورو ڪري ڀڃ ڊاهه وارن هنڌن جو معائنو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ ايم پي اي ساجد جوکيو، راجا رزاق، سليم بلوچ، لياقت آسڪاني ۽ سلمان مراد به ساڻن گڏ هئا، وفد سان گڏ ايس ايس پي ملير به موجود هو.

صوبائي وزير سعيد غني جي اڳواڻي ۾ بحرياٽائون جي دوري تي پهتل پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي وفد ڀڃ ڊاهه ۽ باهه وارن واقعن جي متاثر اسٽيٽ ايجنٽن، شورومز مالڪن سميت ٻين سان به ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سعيد غني اسٽيٽ ايجنٽن، بلڊرز ۽ شورومز مالڪن کي خاطري ڪرائي ته معاملي جي جاچ ڪرائي بحرياٽائون ۾ ملڪيتن کي باهيون ڏيندڙ وڳوڙين سان ڪا به رعايت نه ڪنداسين، انهن شرپسندن کي هر حالت ۾ انجام تائين پهچايو ويندو. سعيد غني اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، نقصان جي سروي ڪري متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *