Friday , April 26 2024

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويجهو سمجهيو ويندڙ سينئر اڳواڻ نديم افضل چن پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، پ پ پنجاب جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انتهائي ويجهو سمجهيو ويندڙ نديم افضل چن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نديم افضل چن بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات بعد اهڙو اعلان ڪيو آهي. نديم افضل پ پ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان گذيل سال استعيفيٰ ڏني هئي، سندس ڀاءُ اڳ ۾ ئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، پ پ اڳواڻ نديم افضل چن بني گالا ۾ عمران خان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پي ٽي آءِ جو سينئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻيا اڳاوڻ به موجود هئا. پي ٽي آءِ جي ترجمان موجب نديم افضل چن عمران خان سان ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون  ڪيون، جنهن کانپوءِ هن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. نديم افضل چن گذريل سال آڪٽوبر مهيني دوران پيپلز پارٽي پنجاب جي سيڪريٽري جنرل واري عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، ان وقت سندس موقف هو ته، هن جو ڀاءُ وسيم افضل چن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو آهي، انڪري هاڻي عهدي تي رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ناهي.

يادگيري لاءِ اوهان کي اهو ٻڌائيندا هلون ته، اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪندو رهيو آهي ته، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ سڄي ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. گذريل 4 اپريل تي آصف زرداري ن ليگ کي چئلينج ڪيو هو ته ايندڙ چونڊن ۾ کين پنجاب جي وڏ وزارت شريف ڀائرن کي ڏيڻ نه ڏيندو ۽ پنجاب جو وڏو وزير جيالو هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *