Friday , March 29 2024

پ پ پ جي سي اِي سي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي- صنم ڀٽو کي سياسي ذميواري ڏيڻ جي مخالفت

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو کي پيپلز پارٽي ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ کيس راضي ڪرڻ لاءِ ڪامياب ٿيل ڪوششن تي سينئر اڳواڻن جي سخت مخالفت پاڻي ڦيري ڇڏيو، نئون ديرو هائوس ۾ ٿيل سي اي سي جي اجلاس ۾ به کيس ويهڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. ”جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل کانپوءِ آصف زرداري جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ماسي بيگم صنم ڀٽو کي پارٽي ۾ سياسي ذميواري سنڀالڻ تي راضي ڪري ورتو هو، پر سينئر اڳواڻن فيصلي کان ڪجهه وقت اڳ سخت مخالفت ڪئي  وئي“، اِهو چوڻ آهي، پ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ ۽ سي اي سي جي ميمبر جو. نالو نهن لکڻ جي شرط تي پ پ جي سينئر اڳواڻ سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، ”26هين ڊسمبر تي نئون ديرو هائوس ۾ پارٽي جي ٿيل سينٽرل ايگيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي  اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ صنم ڀٽو ويهاريو ۽ هڪ عورت اڳواڻ چيو ته صنم ڀٽو اجلاس ۾ مبصر طور ويهندي ۽ ڪجهه اهم فيصلا به ڪرڻا آهن، جنهن تي پارٽي جي ٽن کان وڌيڪ سينئر اڳواڻن اعتراض واريو“.

صنم ڀٽو جو بلاول، آصفه ۽ بختاور سان گروپ فوٽو (فائل فوٽو)

انهن اڳواڻن جو اعتراض صنم ڀٽو کي مبصر طور اجلاس ۾ ويهارڻ تي هو يا پارٽي ۾ ڪا ذميواري ڏيڻ تي؟ واري سنڌسماءَچار جي سوال تي پ پ جي سينئر اڳواڻ چيو ته، ” انهن اڳواڻن مان هڪ چيو ته، صنم لاءِ اسان لک عزتون ۽ احترام آهي، هوءَ سدا ويهي پارٽي اڳواڻن سان حال احوال به ڪري ان تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر سي اي سي جي اجلاس شروع ٿيڻ تائين پوءِ نه. جنهن تي ٻئي اڳواڻ چيو ته اجلاس ۾ رڳو سي اي سي جا ميمبر ئي ويهندا. ان تي هڪ عورت اڳواڻ پاران کَهُري انداز ۾ ڳالهائڻ تان هلڪي ڦلڪي بدمزگي ٿي پر بلاول جي مداخلت کانپوءِ، شهيد بينظير ڀ ٽو جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي. 5 کان 10 منٽن تائين غير رسمي گفتگو ٿي ۽ ڪجهه دير بعد بيگم صنم ڀٽو اٿي وئي ۽ پوءِ سي اي سي جو باقائده اجلاس شروع ٿيو“.هن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال کانپوءِ صنم ڀٽو ورسي واري جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ کانسواءِ واپس ڪراچي لاءِ روانو ٿيڻ پئي چاهيو پر بلاول ڀٽو زرداري کي پرچائي ترسايو ۽ کيس جلسي ۾ شرڪت ڪرائي استيج تي وٺي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *