Friday , March 29 2024

پ پ پ جو سينئر اڳواڻ لطيف مغل سخت بيمار، اسپتال داخل

پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ پيلپلز ليبر بيورو جو سينئر اڳوڻ لطيف مغل گذريل ڪيتري عرصي کان بيمار آهي، جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. لطيف مغل پيپلز ليبر بيورو سان گڏگڏ پ پ جي سياسي هلچل ۾ ڪراچي اندر تمام گهڻو سرگرم ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو آهي. مٿس شهيد بينظير ڀٽو جو پڻ تمام گهڻو اعتماد رهيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ سندس اسپتال وڃي طبعيت پڇي. وڏي وزير پ پ ڪارڪن کي به اپيل ڪئي آهي ته لطيف مغل جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته لطيف مغل پيپلزپارٽي جو اثاثو ۽ هڪ ڪميٽيڊ اڳواڻ آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ پارٽي کي سرگرم رکڻ لاءِ سڄي حياتي پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي . ان کان اڳ پ پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ لطيف مغل جي عيادت ڪري چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *