Friday , April 19 2024

پ پ پي ٽي آءِ هڪ ٿي ويون، سنڌ اسيمبلي مان به نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور_ بلوچستان اسيمبلي پاران وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار

nisar khuhri assembly

سپريم ڪورٽ جي ٻن سيئنر ججز پاران پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم اعظم جو صادق ۽ امين نه هجڻ قرار ڏئي کيس قومي اسيمبلي جي ميمبري تا ڊي_نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو نوٽ لکڻ کي بنياد بڻائي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينئر وزير ۽ سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو ۽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ثمر علي خان ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ واري ٺهراءُ جي ايم ڪيو ڪا به مخالف نه ڪئي.

نثار کهڙي پاران منظور ڪرايل رٿ ۾ چيو ويو آهي ته “هي ايوان اهو خيال رکي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ 2 سينيئر ججن اهو قرار ڏنو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين نه رهيو آهي ۽ کيس وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو وڃي، ان ڪري نواز شريف فوري طور تي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي، ڇو ته هو قوم جي اڳواڻي ڪرڻ واري اخلاقي اٿارٽي وڃائي چڪو آهي.”

وزيراعظ۾ نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ بابت پي ٽي آءِ جي ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته، “هي ايوان سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس واري فيصلي جي روشنيءَ ۾ وزيراعظم نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري ٿو، ڪنهن به جج وزيراعظم کي ڪلين چِٽ نه ڏني آهي ۽ ججن ريمارڪس ۾ اهو چيو آهي ته وزيراعظم ۽ هن جو خاندان مڪمل طور تي ايماندار نه آهي،” ٺهراءُ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته “هي ايوان پختو يقين رکي ٿو ته نواز شريف وزيراعظم شپ کي جاري رکڻ جو اخلاقي اختيار نٿو رکي ۽ قومي مفاد ۾ هو فوري طور تي استعيفا ڏئي،”.

samar_khanMahtab-Akbar-Rashdi-1syed sardar ahmad new

نثار کهڙي پنهنجي پيش ڪيل ٺهراءُ جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته، سپريم ڪورٽ جي 2 سينيئر ججن اهو چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ان ڪري هو وزيراعظم جي عهدي تان هٽي وڃي ۽ ٻين 3 ججن به اُهو ناهي چيو ته هو امين آهي ۽ هاڻي وزيراعظم آفيسرن آڏو ملزم وانگر ويهندو ته سندس ڪهڙي عزت بچندي. هن چيو ته سڄي سنڌ اسيمبلي مطالبو ڪري ٿي ته وزيراعظم استعيفا ڏئي، امين ۽ صادق جي تشريح ضياءَ الحق ڪئي هئي ۽ اُن وقت نواز شريف اُن سان گڏ هو پر هن اُن تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو هو.

پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ته وزيراعظم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو ۽ اُن جي آءِ ٽي کان فيصلو وٺندو، جنهن جو سربراهه چوڌري نثار آهي، سپريم ڪورٽ هن دفعي به ساڳيو ئي شهيد ڀٽي جي ڪيس وانگر فيصلو ڏنو آهي.

فنڪشنل ليگ جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اهڙو فيصلو آيو آهي، جيڪو نه هيڏانهن جو آهي ۽ نه ئي هوڏانهن جو آهي. هي ڏٺا وائٺا ڌاڙيل آهن، انهن مان جان ڪڏهن ڇٽندي.

پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان چيو ته دعا آهي ته ملڪ جي ڪرپٽ ماڻهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، نواز شريف فوري طور تي پنهنجي ڪرسي ڇڏي ڏئي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن چيو ته اُن رٿ ۾ جيڪڏهن ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو به ذڪر هجي ها ته بهتر هو ۽ هر اُن معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ها، جنهن معاملي ۾ عوام جا پئسا لٽيا ويا ۽ ملڪ کان ٻاهر ملڪيتون ۽ محل ٺاهيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جو فيصلو اهم آهي ۽ اُن خلاف ڳالهائڻ جي مذمت ڪريان ٿو. نيب 180 ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا آهن ۽ انهن ڪرپشن ڪيسن جي ماليت ساڍا 6 هزار ارب رپيا آهي ۽ سپريم ڪورٽ انهن ڪيسن جي جاچ لاءِ به جي آءِ ٽيز ٺاهي. خواجا اظهارالحسن چيو ته ملڪ جي 90 سيڪڙو ادارن جا سربراهه ڪرپٽ آهن ۽ انهن تي ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن، رٿ جي نه حمايت ڪريان ٿو ۽ نه ئي مخالفت ڪريان ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ به ڪرپشن ڪندڙن خلاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽيز ٺاهي وڃي

ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته اڃا فيصلو نه آيو آهي ۽ اُهو معاملو عدالت هيٺ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان ڪري ان تي اسيمبليءَ ۾ بحث نٿو ٿي سگهي، نوٽ ۽ فيصلي ۾ فرق آهي ۽ فيصلو اڪثريتي ججن جي راءِ کي چيو ويندو آهي، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته فيصلو ڪليئر آهي، ٻن ججن وزيراعظم کي سزا ڏني آهي ۽ 3 ججن کيس آزاد به نه ڪيو آهي. اُن ڪري اهو چوڻ غلط آهي ته فيصلو ڪليئر نه آهي.

اُن دوران پيپلزپارٽيءَ جي ميمبرن پاران “گو نواز گو” ۽ “شرم ڪريو شرم ڪريو” جا نعرا هنيا ويا.

ٻي طرف بلوچستان اسيمبلي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي حمايت ۾ وڏي وزير پاران پيش ڪيو ويو جيڪو منظور ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *