Saturday , April 20 2024

پ پ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نديم افضل چن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، زرداري کي کتو جواب

نديم افضل چن ۽ سندس ڀاءُ وسيم چن          

لاهور ( سنڌسماءَچار نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ پ پ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نديم افضل چن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. آصف زرداري ٻن ڪلاڪن تائين ساڻس ملاقات ڪري استعيفيٰ وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي آهي.

نديم افضل چن استعيفيٰ جو ڪارڻ اهو ڄاڻايو آهي ته سندس ڀاءُ وسيم چن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ ڄاڻايو آهي. استعيفيٰ بعد اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري نديم افضل چن کي بلاول هائوس لاهور طلب ڪيو. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ نديم افضل وچ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ ملاقات دوران آصف زرداري استعيفيٰ واپس وٺڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ تي کيس راضي نه ڪري سگهيو.

نديم افضل چن پارٽي عهدي جي استعيفيٰ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڏني، جنهن بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. نديم افضل چيو ته پارٽي قيادت جو احترام آهي پر هاڻي عهدو پاڻ وٽ رکڻ مناسب ناهي. پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو ته نديم افضل چن جو ڀاءُ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهي، ان ڪري ان اخلاقي طور عهدي کان استعيفيٰ ڏني آهي، پارٽي قيادت سان ڪي به اختلاف نه آهن. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته نديم افضل چن کي پنجاب ۾ پارٽي فيصلن تي کيس اعتماد ۾ نه وٺڻ، سميت ٻين معاملن تي به اعتراض رهيا آحن، جنهن جي شڪايتٿ بلاول ۽ آصف زرداري سان ڪندو رهيو آهي. ذريعن موجب نديم افضل جي شڪايتن جو ازالو نه ٿيڻ سبب هُو اڳ ئي ناراض هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *