Friday , March 29 2024

پ پ خيرپور جي ترجمان علي شير مڪول جي شڪي زيادتين خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

خيرپور(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پ پ خيرپور ضلعي جي ترجمان جي مبينا زيادتين ۽ زمينن تي قبضن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آهي ته، علي شير مڪول، مڪول برادري سميت علائقي جي ٻين برادرين خلاف انتقامي ڪاررواين شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڳوٺ ميرل مڪول جي رهواسين گاجي خان مڪول، الله بخش مڪول، محمد رجب مڪول، ڪريم بخش مڪول ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور آڏو پيپلزپارٽي ضلع خيرپور جي /ترجمان اطلاعات سڪريٽري علي شير مڪول مٿان الزام مڙهيو ته هن علائقي واسين توڙي پنهنجي برادري جي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته، هنن پنهنجي زرعي زمين ۾ روزگار لاءِ ڪڪڙين جا فارم قائم ڪيا. ڳوٺاڻن الزام مڙهيندي چيو ته، علي شير مڪول هٿيارن جي زرور تي پولٽري فارمز مان لکين رپين جون ڪڪڙيون ڦري ويو. جنهن بعد هن پولٽري فارم به ڊهرائي ڇڏيا آهن. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا جي نمائندن کي وڌيڪ ٻڌايو ته، هنن واقعي خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني پر پوليس ڪيس ڪيس داخل ڪرڻ بدران ابتو اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ چپ رهڻ لاءِ داٻا ڏئي رهي آهي. شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس پ پ اڳواڻ جي ڪمداري ڪندي اسان جي 15 ماڻهن ڪوڙا ڪيس داخل گهرن تي چڙهائي ڪئي، پ پ اڳواڻ جي هٿياربندن به اسان جي گهرن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻه عورتون مسمات راڻي ۽ مسمات جيئان زخمي ٿي پيون. هنن پ پ اڳواڻ علي شير مڪول خلاف دانهيندي چيو ته، اسانجا رستا پڻ بند ڪرائي ڪڻڪ جو فصل پڻ لڻي کڻائي ويو آهي هينئر سندس هٿياربند اسانکي گهرن کان ٻاهر به نڪرڻ نه ٿا ڏين ۽ علي شير مڪول اسانکي گهر خالي ڪري لڏائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينرجز کي اپلي ڪئي آهي ته، ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ بااثر وڏيري ۽ پ پ اڳواڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سي ايم هائوس ڪراچي پهچي پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين جنهن جي ذميواري علي شير مڪول تي هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *