Friday , March 29 2024

پ پ حڪومت جي روايت برقرار، ڪراچي جي رستن تي استادن بدترين تشدد

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي راڄڌاني سنڌ جي ئي استادن لاءِ نوگو ايريا بڻائيندي مٿن سخت تشدد ڪري پنهنجي روايت کي برقرار رکيو آهي، استادن جي تنظيم گسٽا جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ سيڪنڊري اسڪولن جي استادن کي وزيراعليٰ هائوس طرف مارچ ڪرڻ کان طاقت جي زور تي روڪي ورتو، شيلنگ، لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري 20 کان وڌيڪ استادن کي رتورت ۽ ڪيترن کي ڌڪي ڪري ڇڏيو، استاد سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ، پريس ڪلب ۽ صدر جي رستن تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا، ڪيترائي استاد گرفتاري بعد آزاد. سرڪاري اسڪولن جي استادن مطالبن جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن تائين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا. جنهن کانپوءِ استادن پاران وزيراعليٰ هائوس ڌرڻو هڻڻ لاءِ پريس ڪلب کان روانا ٿيا ته لٺبردار پوليس اهلڪارن استادن کي پريس ڪلب ڀرسان ايم آر ڪياني روڊ تي ئي روڪي ورتو ۽ مٿن لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو آزاداڻو استعمال ڪيو. جنهن سبب ڪيترائي استاد رتورت ٿي پيا، ڪيترائي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ سبب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳوڙهاڳاڙيندا رهيا. پوليس ڪيترن ئي استادن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو.

اهڙي صورتحال کانپوءِ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي استادن هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون ڌڻي هڻي ڇڏيو آهي. مطالبن جي عدم جي منظوري تي ميٽرڪ جي پرچن جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي به ڏني وئي آهي جڏهن ته هڙتالي استادن سي ايم هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مظاهرو ڪندڙن کي روڪڻ جي لاءِ شيلنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ استاد جي حالت خراب ٿي وئي. پوليس جي ڳري نفري استادن کي آرٽس ڪائونسل ويندڙ روڊ تي روڪي ورتو. استادن کي ريڊ زون ۾ وڃڻ کان روڪڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس به تيار آهي، پوليس جي ڏنڊابردار  فورس واٽر ڪينن سميت پريس ڪلب جي ڀرسان ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن، ميجنمينٽ ڪيڊر، ٽائم اسڪيل اپ گريڊ ايشن، پروموشنز، پگهارن جي فوري ادائيگي ۽ اين ٽي ايس استادن کي مستقل ڪرڻ سميت 8 مطلبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتا. گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچر ايسوسيئيشن جي صدر حاجي اشرف خاصخيلي مطالبن جي عدم منظوري جي صورت ۾ ميٽر جي پرچن جي بائيڪاٽ جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي. احتجاج ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جا مرد ۽ عورت استادن جو وڏو انگ شريڪ آهي. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري سان ملاقات ٿي پر مسئلا جيئن جو تيئن آهن.

ڪراچي: پوليس جو استادن تي تشدد هڪ منظر- سنڌسماءَچار فوٽو

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *