Friday , March 29 2024

پ پ جي سنڌ حڪومت ۾ تعليمي ايمرجنسي خانپور مهر جي گرلز اسڪول کي ڪوما ۾ اماڻي ڇڏيو

خانپور مهر( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ 9 سالن کان قائم پيپلز پارٽي جي حڪومت پاران سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي خانپور مهر جي گرلز پرائمري اسڪول کي ڪوما ۾ اماڻي ڇڏيو آهي، تعليم کاتي جو وزير ڄام مهتاب ڏهر پنهنجي ضلعي جي بند پيل اسڪول کي به کولرائي ناهي سگهيو. ڳوٺ سلطان گبول جي نياڻين اسڪول بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، جنهن جواقتدار ڌيڻ تي ڪو به اثر ناهي ٿيو.

تعليم کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جي اباڻي ضلعي گهوٽڪي ۾ خانپور مهر جي وٺ سلطان گبول جو گرلز پرائمري اسڪول گزريل 10 سالن کان بند پيل آهي. ڳوٺ جي نياڻين آسيه بتول، فرزانه، فاطمه، ساجده ٻين اسڪول بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. نياڻين دانهيندي چيو آهي ته، سندن ڳوٺ جو اسڪول گذريل 10 سالن کان مسلسل بند پيل آهي، جنهن سبب سندن تعليم تباهه ٿي وئي آهي. هنن چيو ته سندن والدين ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن ۽ سندن تڪ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش خاب مهر۽ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر وٽ به دانهيون آهي، ڪير به سندن دانهن ورنائڻ وارو ناهي. هنن چيو ته اسڪول بند هجڻ ۽ ٻيا اسڪول پري هجڻ ڪري هُو تعليم جي زيور کان محروم آهن ۽ سندن مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن اسڪول کي فوري طور تي کولرائي استاد مقرر ڪيا وڃن جيئن هُو تعليم حاصل ڪري سگهن.

خانپور مهر: بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان دوڪان کي باهه لڳي وئي،لکين رپين جو سامان سڙي رک

خانپورمهر: ڳوٺ  نظر علي گڏاڻي ۾ بجلي شارٽ سرڪٽ سبب دوڪان کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. دوڪان کي باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ باوجود فائر برگڊ نه پهتي، جنهن سبب ان ۾ رکيل سمورو سامان سڙي ڇار بڻجي ويو. متاثر ڳوٺاڻي ۽ دوڪان جي مالڪ مقبول گڏاڻي آهي ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو پر وقت تي نه پهچڻ سبب سندس لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي. هن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سندس نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙ فائربرگيڊ جي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *