Thursday , March 28 2024

”پ پ جا وڏيرا واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪن پيا“: نادر مگسي

ايم پي اي نادر مگسي پنهنجي ئي پارٽي پ پ تي پاڻي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي!!

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) ” سنڌو درياهه ۾ پاڻي  آهني، ڪئنال مان وٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا به ملوث آهن، پاڻي نه مليو ته اسان تڪن ۾ نه وڃي سگهنداسين“، اهو چوڻ آحي ته پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم پي اي نادر مگسي جو؛ نادر مگسي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، پيپلز پارٽي جي وڏيرن کي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پاڻي هوندي سوندي به آبادگارن کي پاڻي نه پيو ملي، جنهن جو سبب وڏيرن پاران واٽرڪورسز ٽوڙي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پاڻي جي چوري ۽ واٽر ڪورسز ٽوڙڻ ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا به شامل آهن. پ پ جي سينئر اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي نادر مگسي تاقرير دوران انڪشاف ڪيو ته پارٽي اندر موجود پاڻي چوري  ۾ ملوث اُهي ماڻهو پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز گهرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، هن احتجاج جو اشارو ڏيندي چيو ته ڪنهن ڳالهه وڻي يا نه وڻي، افسوس آهي جو سنڌ ۾ اسان جي ئي حڪومت آهي، پر پاڻي به اسان جا پنهنجا چوپري  ڪري رهيا آهن.

پ پ ايم پي اي نادر مگسي پنهنجي ئي حڪومت جي بدانتظامي تي تنقيد ڪئي. درياءَ ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي اچي ويو آهي، آبپاشي کاتي کي گذارش آهي ته پنهنجو نظام ٺيڪ ڪري، ڪنهن کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي! افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي اسان جي حڪومت آهي جنهن ۾ اساسن پاڻ پاڻي لاءِ پريشان آهيون. وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان جو جيئن مرڻ پاڻي سان آهي، اسان وٽ اُتي ٻيو ڪجهه به نه آهي. پوليس کان ڪم نٿو ٿئي، پيپلز پارٽي جي وڏيرن واٽر ڪورس ٽوڙي ڇڏيا آهن، توهان هلي ڏسو، جيڪڏهن منهنجي زمينن لاءِ واٽر ڪورس ٽٽل هجي ته پهرين مون تي ڪيس داخل ڪرايو، پوءِ ٻين تي داخل ڪريو. نادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي جي وڏيرن طرفان واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ سبب پارٽي بدنام ٿي رهي آهي، اسان به پنهنجي تڪن تي وڃي نه سگهنداسين. پ پ ايم پي اي رينجرز کان پاڻي چوري روڪرائڻ جو مطالبو ڪندي انڪشاف ڪيو ته اسان جي پارٽي اندر جيڪي ماڻهو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، اُهي ئي رينجرز کي گهرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. نادر مگسي احتجاج جو اشارو ڏيندي چيو ته پاڻي جي چوري کي سنجيدگي سان نه ڏٺو ويو ته اسان سان گڏ ماڻهو رستن تي اچڻ لاءِ تيار آهن، رستن تي اچڻ ماڻهن جو حق به آهي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي گذارش ڪريان ٿو ته هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺو، گذريل ڀيري به مون پنهنجي علائقي ۾ پاڻي چوري جي حوالي سان شڪايت ڪئي هئي پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي، اسان جي علائقي سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو هن علائقي مان چونڊجي آئي هئي.

صحافي جو سوال! جلال محمود شاهه ۽ ادريس چانڊيو چڙي پيا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *