Friday , April 19 2024

پيپلزپارٽي جا اڳواڻ، سنڌ حڪومت ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين آءِ بي اي يونيورسٽي جو من پسند وي سي مقرر ڪرائڻ لاءِ سرگرم

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي بااثر اڳواڻن آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو من پسند وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست ۽ سنڌ هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين، هڪ عورت ايم اين، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري سطح جي هڪ بااثر عورت آفيسر پنهنجن من پسند ماڻهن کي وي سي ڪرائڻ لاءِ ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت ايندڙ مھيني وي سي جي مقرري لاء طريقيڪار تي عمل شروع ڪندي جنھن لاء اخبارن ۾ اشتھار بي جاري ڪيو ويندو. ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ بي اي سکر جي وائيس  وي سي به چانسلر نثار احمد صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ پيپلزپارٽي سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جيان آءِ بي اي سکر جو وائيس چانسلر به پنهنجي مرضي جو مقرر ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ٽي ڏينهن اڳ به وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نثار صديقي صاحب جي لاڏاڻي سبب آءِ بي اي سکر جي خالي ٿيل وائيس چانسلر جي عھدي لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهر واري پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي مقرري لاءِ عاصم حسين اڳوڻي صدر آصف زرداري کان سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ شيخ اياز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽيءَ جو ۽ ٽيون نالو خيرپور انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر علي مدد شاھ جو آھي ۔ پر ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم جو مڪمل زور سندس محترمه کي اتي آڻڻ تي آھي ۽ شايد ان ۾ ڪامياب ٿي وڃي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *