Saturday , April 20 2024

پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا جو نوجوان پٽ دوست سميت روڊ حادثي ۾ فوت، آصف، بلاول، آرمي چيف ۽ وزيراعظم پاران ڏک جو اظهار

لالا موسيٰ/اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير قمر الزمان ڪائرا جو نوجوان پٽ لالاموسيٰ ويجهو روڊا حادثي ۾ دوست سميت فوت، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر رجاويد باجوا سميت مختلف اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار، پيپلز پارٽي پاران هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان، اسامه قمر ڪائرا جي  جنازي نمازر اڄ لالا موسيٰ ۾ ادا ڪرڻ بهعد مڙهه متي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. قمر الزمان ڪائرا جو نوجوان پٽ اسما قمر ڪائرا لالا موسيٰ ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ڪار ۾ ساڻس گڏ سوار دوست به اسپتال منتقل ڪرڻ دوران دم ڏئي ڇڏيو. پوليس ۽ مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسماه قمر ڪائرا هڪ موٽرسائيڪل سوار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار سندس ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ روڊ جي ڀرسان بيدمشق جي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتجي اسماه ڪائرا ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

قمر الزمان ڪائرا کي اهڙو اطلاع اسلام آباد ۾ ان وقت ڏنو ويو، جڏهن پ پ پ جي اجلاس بعد پ پ اڳواڻ نئير بخاري، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين سان گڏ قمر زمان ڪائرا پريس ڪانفرنس شروع ڪري رهيا هئا، ان وقت هڪ صحافي کيس اطلاع ڏنو جنهن تي قمر زمان سميت پ پ اڳواڻ سخت پريشان ٿي ويا ۽ پريس ڪانفرنس ختم ڪئي وئي. قمر الزما جي پٽ ۽ جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي پ پ هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ۽ ٻين ساڻس ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف چيو ته الله تعاليٰ قمر زمان ڪائره جي وارثن کي صبر عطا فرمائي. وزير اعظم عمران خان قمر زمان جي پٽ جي وفات تي ڏک جو اطهار ڪندي چيو آهي ته، هجو ڏکويل ڪٽنب سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، خاص طور تي والدين ۽ خاندان جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قمر زمان ڪائره جي پٽ جي حادثي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي مغفرت، وارن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جوان پٽ جي ٽريفڪ حادثي ۾ مارجي وڃڻ تي ڏاڍو ڏکي ٿيو آهي. وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جواب پٽ اُسامه جي ٽريفڪ حادثي ۾ وفات تي دلي ڏک رسيو آهي، قمر زمان ڪائره ۽ سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهيون. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس ڪيو، گورنر پنجاب جو چوڻ هو ته جوان پٽ جي لاڏاڻِ تي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز به قمر زمان ڪائره جي وٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *