Friday , April 19 2024

پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي ڪرونا وگهي حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا تي ضابطو نه آيو، پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڄام مدد علي ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، ڄام مدد علي گذريل ڪجهه هفتن ڪرونا وگهي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سينئر سياستدان ۽ پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڄام مدد علي اڄ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڄام مدد علي کي ڪجهه هفتا اڳ ڪرونا وائرس جي تصديق جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ ۾ هئڻ دوران سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي جنهنڪري کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو، ڄام مدد علي کي وينٽيليٽر تي رکڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو هو، جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد کيس لاڳيتو وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو، جنهن دووران ڄام مدد علي اڄ منجهند جو دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڄام مدد علي وڏو عرصو فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽفارم تان سياست ڪئي ۽ ايم پي اي چونڊبو رهيو، ڄام مدد علي صوبائي وزير ۽ سنڌ اسيمبلي جي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو به چيئرمين رهيو. ڄام مدد علي ڪجهه سال اڳ فنڪشنل ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو، گذريل چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *