Friday , March 29 2024

پ پ ايم پي اي عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل ڀيو آفيسرن کي اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف

بابل خان ڀيو 

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ مير بابل خان ڀيو پاران شڪارپور ۾ مقرر سرڪاري آفيسرز کي سندن ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي شڪارپور ۾ ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏيڻ ۽ بااثر ايم پي جو حڪم نه مڃڻ تي سرڪاري آفيسرز کي اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اهڙو انڪشاف ورڪس اينڊ سروسز کاتي شڪارپور جي ايڪسيئن جي آڊيو رڪارڊنگ سنڌ سماءَ چار کي هٿ اچي وئي آهي. آڊيو رڪارڊنگ ۾ ايڪسيئين رفيق شيخ ۽ فون ڪندڙ جي وچ ۾ ٿي ڳالهه ٻولهه دوران رفيق شيخ ڪجهه هن طرح چوي ٿو.

ايڪسيئين رفيق شيخ                     ايم پي عابد خان ڀيو

” مير بابل خان ڀيو ، مون کي فون ڪري ايران مان مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو اٿئين ته، تون اسان جي علائقي ۾ ٿو ڊيوٽي ڪرين ۽ تون اسان جي علائقي جا ڪم ٻين ماڻهن کي ڏئين، توکي ان پهچائيندا هن، تون سڌري وڃ؛ مان ايندم ته، مان هيئن ڪندم، هونئن ڪندم. بس ڇا ٻڌايان الائي ڇا مان ڇا گهٽ وڌ ڳالهائڻ. مان چيو مانس سائين مان ڇا ڪيان ؟ منسٽر صاحب جو ميسيج آ مونکي، ان باوجود به مان اوهان جي (بابل خان ڀيو) ريسپيڪٽ ڪري ٻڌايان ٿو ته سائين، پر مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي اوهان سرڪاري آفيسر کي گاريون ٿا ڏيو ۽ اغوا جون ڌمڪيون ٿا ڏيو.“ رفيق شيخ فون تي ڳالهائيندي وڌيڪ چوي ٿو ته، ” سائين مونکي ته ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي هيڏانهن ڪورٽ جو پريشر، هيڏانهن هن جو“. ايڪسيئن اڳئين ڳالهائيندڙ شخص کي ايم پي اي مير عابد ڀيو کي ڪيل فون بابت احوال ڏيندي چوي ٿو، ته،  ” پوءِ مان وري مير عابد خان کي فون ڪيو ته هي ايم پي اي به آ، پڙهيو لکيو به آهي، ان کي دانهن ڏني ته سائين، هي ٽي ٽي (ترقياتي ڪمن جا ٽينڊرز) هيا، انهن جو اطلاع ڏنو مير بابر کي ايران فون ڪري، پر هو ڌمڪيون ٿو ڏئي، پر مير عابد به اهائي ساڳئي لينگئيج/زبان استعمال ڪئي،“.

عابد ڀيو بابت ايڪسئين رفيق شيخ کان سوال ڪيو ته، ” ان ڇا چيو ته کڻائيندو مانءَ“ جنهن تي رفيق شيخ منجهندي چوي ٿو ، ” بس سائين مان ڇا چوان، سائين مان گهر ويٺو آهيان، اسان شيخ ماڻهو سڀاڻي کڄي وڃئون،  وري وڪامجي وڃئون بلوچستان، مان بس اچان ٿو ڪراچي، سيڪريٽري (ورڪس اينڊ سروسز) سان ملان ٿو منهنجو باس آهي، چوانس ٿو سائين اوهانجو ضلعو آهي، مونکي اغوا جون ڌمڪيون ٿيون ملن. اسان ته آفيسر ماڻهو ان ڦڏن ۾ ته نه ٿا ڦاسڻ چاهيون، سڀاڻي ڪو مس هيئپ (اڻ وڻندڙ واقعو) ٿي پئي، ڪو پرابلم ٿي پئي. ان کان اڳ مان ڊپارٽمينٽ کي ته رپورٽ ڪيان ني. سائين هي ان حد تائين هليا آهن.“ هي هنن جي اسٽيٽ آهي سائين، اسان  ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. اسان شيخ ماڻهو سائين، ڀلا اهرين حالتن ۾ڪيئن رهي سگهنداسين.“ ايڪسئين رفيق شيخ وڌي چئي ٿو، ” مير بابل مون کي جاڳڻ ۾ اندر الائي ڪهڙي هنڌ گهرايو، اتي به الائي ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، اصل صفا آپي مان نڪري وي. ڪو ٺيڪيدار کي چيڪ ملي ٿو ته هنن جا واٺا انهن  کان چيڪ کسي ٿا وڃن ڪير پڇڻ وارو ناهي سائين.“ ايڪسئين ورڪس اينڊ سروسز شڪارپور موبائل فون تي ڳالهائيندي وڌيڪ چوي ٿو، ” سائين هُو راشدين به ماڻهو اماڻيا ڪم لاءِ، مجيد آرائين به چيو، صدرالدين شاهه پاڻ فون ڪيو هُن کي،“ فون ڪندڙ چوي ٿو ”پوءِ ڀلا انهن کي مليو،“ رفيق شيخ جواب ۾ چوي ٿو، ” نه سائين ڪٿي انهن کي به ڪونه ڏنو، حالانڪ مريد آهن اهي ماڻهو“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *