Thursday , April 25 2024

پڪاچانگ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، تعليمي ماهر ۽ معزز شخصيت استاد عابد چانگ قتل

فيض گنج  (رپورٽر  سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ڏينهن ڏٺي جو وحشي جوابدار تعليمي ماهر ۽ سماجي شخصيت استاد کي قتل ڪري ڀڄي ويا، مڙهه اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو وي، جنازي نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي، پوليس واقعي جي اڃا تائين جاچ شروع نه ڪري سگهي، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، خبر نه آهي ته اسان سان هي قهر ڪنهن ڪيو آهي. عيدالفطر جي پهرين ڏينهن شام جو فيض گنج تعلقي جي هيڊڪوارٽر پڪاچانگ شهر ۾ شام ڌاري اڻسڃاتل موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن دڪان تي ويٺل ٻن هٿياربند جوابدارن فائرنگ ڪري تعليمي ماهر ۽ علائقي جي معزز شخصيت استاد عابد چانگ کي قتل ڪري ڇڏيو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن استاد عابد چانگ تي سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس موت جي پڪ ٿيڻ بعد شهر مان آساني سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ استاد عابد چانگ جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو ته، هنن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، استاد عابد نفيس ۽ صوفي منش انسان هو، هن جي يا اسان جي ڪٽنب جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي، خبر ناهي ته عيد جي وڏي سندي ڏينهن اسان سان هي قهر ڪنهن ڪيو آهي، استاد عابد کي شهيد ڪيو ويو آهي، اسان چاهيون ٿا ته سندس بي رحماڻي قتل جي جاچ ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. استاد عابد چانگ جي قتل تي علائقي سوڳ ڇانيل آهي، علائقي واسين به استاد عابد چانگ جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آ؟ين وارثن کي انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته فيض گنج پوليس جمعي جي رات دير تائين معاملي جي جاچ شروع ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *