Tuesday , April 23 2024

پي ٽي آءِ ۾ جيڏو وڏو بدتميز اوترو وڏو عهدو:قمرالزمان ڪائرا جي دعويٰ

لاهور (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اهو اصول بڻجي ويو آحي ته، سندن جيڪو اڳواڻ جيڏو وڌيڪ بدتميز آهي، ان کي اوترو وڏو عهدو ڏنو وڃي ٿو، اهو چوڻ آهي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ  قمرالزمان ڪائرا جو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پ پ جي سينئر اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا چيو ته، پي ٽي آءِ؛ خاص طور تي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۾ سندن جيڪو پارليامينٽيرين جيترو وڏو بدتميز آهي ۽ ان کي ايترو وڏو عهدو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته، هر دور ۾ چاهي اهو مارشل لا جو هجي يا پ پ مخالف سياسي پارٽي جو انهن سدائين پيپلزپارٽي خلاف سازشون ڪيون آهن، پارٽي اڳواڻن کي سياسي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائي کين سياسي وابسطگيون تبديل ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڏو ويندو آهي. پ پ کي دٻائڻ جي خواهش رکندڙ ڪامياب نه ٿيندا، زرداري صاحب ڪجهه غلط ناهي چيو، سڀني کي خبر آهي ته عمران خان کي ڪيئن اقتدار ۾ آندو ويو. سندس چوڻ هو ته حڪومت کان ڪير به اين آر او نه پيو گهري، حڪومت اين آر او ڏيڻ جي لائق به ناهي، نيب کي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، اسان ادارن جو احترام ڪيون ٿا، تڪرار نٿا چاهيون. هن چيو ته اسان 100 ڏينهن جو هدف مقرر نه ڪيو هو پر پي ٽي آءِ حڪومت 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۾ ناڪام رهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *