Thursday , March 28 2024

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نااهل ٿي ويو

توشا خانا ڪيس، اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، قانوني ڪارروائي جي به هدايت

عمران خان کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي: قانوني ماهر صداقت ميمڻ

اسلام آباد (بيورو رپورٽر  سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن توشاخانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان ڪرپشن ۾ ملوث قرار ڏيندي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ به خالي قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان خلاف توشاخانا ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل پنج رڪني بينچ 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي توشا خانا جي تحفن جا تفصيل لڪائڻ ۽ انهن جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪرڻ جون الزام ثابت ٿيڻ تي آئين جي آرٽيڪل 63  تحت نااهل قرار ڏيندي قرار ڏنو آهي ته عمران خان ڪرپٽ پريڪٽس ڪئي، جنهن سبب هو صادق ۽ امين نه آهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو. اليڪشڻ ڪميشن جي فيصلي مطابق هاڻي عمران خان قومي اسيمبلي جو ميمبر به ناهي رهيو، سندس ايم اين اي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو وڃي ٿو. اليڪشن ڪميسن جي پنج رڪني بئنچ جي متفقه فيصلي ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ سان گڏ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.

عمران خان جي وڪيل اليڪشن ڪميسن ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو هو ته، عمران خان کي وزيراعظ۾ جي عهدي جي ساڍن ٽِن سالن دووران مختلف ملڪن جي دورن دوران اتان جي ملڪي سربراهن پاران کيس 329 تحفا مليا هئا. انهن تحفن مان 30 هزار ماليت کان گهٽ جا 14 تحفا عمران خان ۽ سندس گهر واري بشيٰ بيبي کي مليا هئا.

عمران خان کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي: قانوني ماهر صداقت ميمڻ

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بابت رابطو ڪرڻ تي قانوني ماهر صداقت ميمڻ سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، اليڪشن ڪميسن پاران عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ سان گڏ سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو به چيو ويو آهي، عمران خان کي ڪرپٽ پريڪٽس جي الزام هيٺ نااهل ڪرڻ واري فيصلي سان هاڻي سندس خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ٿيڻ سان کيس 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ۽ ڏنڊ جي ب ه سزا ملي سگهي ٿي، يا وري ٻئي سزائون به ملي سگهن ٿيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان وٽ  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي اپيل جو حق موجود آهي، جيڪو اهي استعمال ڪري سگهن ٿا، اهو امڪان به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته اپيل ۾ عمران خان کي رليف ملي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *