Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ پرڏيهي چندو ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، فائل بند ڪٻٽ مان نڪري آيو

گڏيل اپوزيشن جي اهم ڪاميابي، پي ٽي آءِ پرڏيهي چندا ڪيس جو فائل کُلي ويو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پرڏيهي چندي مان گڏ ٿيندڙ ڏوڪڙن واري ڪيس جي روزانو شڻوائي ٿيندي. پي ٽي آءِ خلاف ڪيترن ئي ورهين کان بند ڪٻٽ ۾ پيل پرڏيهي چندا ڪيس جو فائل کُلي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي ڏهاڙي جي بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اپوزيشن پاران گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آڏپو احتجاجي مظاهرو ڪري پي ٽي آءِ چندو ڪيس جي ٻڌڻي روزانو ڪري جلد اڪلائڻ جو مطالبو ڪيو هو، نون ليگ، جي يو آءِ، پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي سميت اپوزيشن 8 پارٽين اهڙي درخواست به اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي هئي. درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته پيٽي آءِ خلاف اهو ڪيس پنجن ورهين کان رولڙي جي ور چڙهيل آهي، اپوزيشن پاران مطالبو ڪيو ويو هو ته هن ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ٻڌايو وڃي.

 اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي وڪيلن کي به نوٽيسز اماڻيا ويا آهن، اهڙا نوٽيس پي ٽي آءِ پاران به هڪ دروخاست پ پ پ ۽ ن ليگ جي ميمبرن خلاف پرڏيهه ۾ چندو گڏ ڪرڻ بابت هڪ ڪيس داخل ڪرايو هو.

پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهه مان گڏ ڪيل چندي بابت درخواست تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر 2014 ۾ داخل ڪري الزام هنيون هو ته، تحريڪ انصاف اهو چندو غيرقانوني طريقي سان ٻن آفشور ڪمپنين ذرفيعي گڏ ڪيو هو. پرڏيهه ۾ آفشورڪمپنين ذريعي گڏ ڪيل ان چندي واري رقم وري غير قانوني طريقي يعني ” هُنڊي “ ذريعي سان وچ ايشيائي رياستن مان پي ٽي آءِ جي آفيسز ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي بئنڪ کاتن ۾ ۾ اماڻي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *