Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ پاران گهوٽڪي ۾ سياسي طاقت جو مظاهر: آصف زرداري ڪرپشن ۾ گاڊ فادر آهي، ڪرپٽ ٽولو سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت نه ٺاهي سگهندو:عمران خان

اوٻاوڙو ( اسلم رضا شر: سنڌسماءَچار نيوز ) پاڪسستان تحريڪ انصاف اوٻاوڙو ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو. عمران خان چيو آهي ته، سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي اچي وئي آهي، هاڻي ڪرپشن جو گاڊ فادر آصف زرداري سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت ٺاهڻ جا خاب ڏسڻ ڇڏي ڏئي، ڪرپٽ ٽولي کي ايندڙ چونڊن ۾ تاريخي شڪست ڏينداسين. خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي عوام ڪرپٽ ٽولي  جو گهيراءُ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمن عمران خان اوٻاوڙو ۾ سرادار شهريار خان شر جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ جي قوم ڪرپشن خلاف جاڳي پئي آهي، اوٻاوڙو ۾ اڄ ماڻهن جو سمنڊ ڏسي يقين ئي نه ٿو اچي ته عوام کي جاڳائڻ واري ڪوشش ڪامياب ٿي آهي.

اوٻاوڙو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وڌيڪ چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپشن جا گاڊ فادر آهن. سنڌ جي ماڻهن کي ٻين بنيادي سهولتن کانسواءِ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ملي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ سبب ٿر ۾ معصوم ٻار مري رهيا آهن. هن چيو ته آصف زرداري کي سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ سان ڪا به دلچسپي ناهي هُو صرف پنهنجي دولت وڌائڻ ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيوتون ٺاهڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. عمران خان چيو ته جنهن جو پئسو ۽ ڪاروبار پاڪستان ۾ ناهي، انهن کي ووٽ نه ڏيو. نواز شريف ۽ آصف زرداري چور آحن، ٻنهي چورن جي ۽ سندن خاندان جي علاج لاءِ ملڪ ۾ ڪابه اسپتال ٺيڪ ناهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي.

هن چيو ته اقتدار کان پهرين سائيڪل تي گهمڻ وارا بعد ۾ لينڊ ڪروزر تي گهمڻ وارن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري سنڌ جي 19 شگر ملز تي قبضو ڪيو آهي ۽ نواز شريف جا 300 ارب رپيا ٻاهرين ملڪن ۾ پيل آهن. ملڪ جي اسپتالن ۾ دوائون ناهن، اسڪولن ۾ باٿروم ناهن، آفيسن ۾ رشوت کانسواءِ ماڻهن جو ڪم نه پيو ٿئي. ملڪ جو پئسو چوري ڪندڙ لٽيرن کي هٿ به نه ڏيو، جيڪي عوام جو رت چوسي رهيا آهن، هاڻي اهو وقت گذري ويو. عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ جو وزير اعظم نااهل شخص کي پروٽوڪول ڏئي ڇا ثابت ڪرڻ چاهي ٿو، عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سعودي عرب 10 شهزادن کي ڪرپشن ۾ پڪڙيو آهي جتي ايئن ڪڏهن به نه ٿيو ۽ اها سڌريل ملڪن جو ثبوت آهي. 2008 ۾ جڏهن زرداري اقتدار ۾ آيو ته ان وقت هر هڪ پاڪستاني 35 هزار رپين جو قرضائي هو ۽ هاڻي هر پاڪستاني لکين رپين جو قرضي آهي، اهو ايئن ڇو ٿي رهيو آهي، ملڪ جي عوام جو پئسو لٽجي ڦرجي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *