Friday , April 19 2024

پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪ ۾ ڊيمزٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبلي مان بنا بحث جي ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي نون ڊيمز جي تعمير بابت ٺهراءُ  منظور ڪري ورتو، نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن، سي جَي لنڪ به هلي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ سڪي وئي آهي، ڀاشا تي اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي پر ڪالا باغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان سميت ٻين وزيرن شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ نون ڊيمز جي اڏاوت بابت تحريڪ انصاف جي ميمبر علي محمد خان ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي اتفاق راءِ منظور ڪيو ويو.  اجلاس کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي ميمبر خواجا آصف چيو ته ڊيمن جو معاملو سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي، چندو گڏ ڪرڻ به هڪ سٺو قدم آهي.  هن چيو ته چندي گڏ ڪرڻ واري عمل ۾ ماڻهو حصو شامل ڪري رهيا آهن، چندي سان 2 کان 4 ارب وڌيڪ شامل ٿي ويندا آهن، اها سٺي ڳالهه آهي.  ان موقعي تي ن ليگ جي ايم اين اي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير  خواجا آصف چيو ته اسان کي پاڻي جي بجيٽ جي عادت وجهڻي پوندي. ان موقعي تي خواجا آصف چيو ته واٽر پاليسي ۾ رڳو ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ئي طئي ٿيا هئا، تڪراري معاملن کي نه ڇيڙيو وڃي، نواب يوسف درست پيو چوي، هڪ سئو ارب ڀاشا تي خرچ ٿي چڪو آهي.

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڪهڙو ڊيم ۽ ڪٿي ٺهي رهيو آهي، ڳالهه ڀاشا جي ڪئي پئي وڃي ۽ چندو به ان لاءِ گڏ ڪيو پيو وڃي پر ان جي پٺيان وري ڳالهه ڪالا باغ ڊيم جي ڪئي پئي وڃي.  نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڪالا باغ ڊيم کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن،  سي جَي لنڪ به هلي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ سڪي وئي آهي. نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڀاشا ڊيم تي اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، باقي ڪالا باغ ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾  قبول نه ڪيو ويندو.  شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي ٽن صوبائي اسيمبلين رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪڏهن به حمايت نه ڪنداسين. قوم تسليم ڪري ٿي ملڪ ۾ پاڻي جو سنگين بحران آهي، اسان کي چئني صوبن جي موقف جو احترام ڪرڻو آهي. پهريون ڀيرو ڊيمن لاءِ قوم ڏيهه توڙي پرڏيهه مان ساٿ ڏئي رهي آهي، نوان پاڻي ذخيرا نه ٺهيا ته ملڪ اونداهي ڏانهن هليو ويندو.  نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته ن ليگ حڪومت ديامير ڀاشا ڊيم جو بنياد رکيو هو. فواد چوڌري چيو ته اندازو نه هو ته ڪو پاڻي ذخيرن جي مخالفت ڪري سگهي ٿو، مخالفت سمجهه کان ٻاهر آهي. قومي اسيمبلي نون ڊيمز جي تعمير بابت ٺهراءُ  منظور ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *