Friday , April 26 2024

پي ٽي آءِ جي حڪومت آئين ۽ قانون جي سمجهه کان خالي آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

گهوٽڪي (خاص نمائندوسنڌسماءَچار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردااري چيو آهي ته، آئين ۽ قانون جي سمجهه کان خالي وفاقي حڪومت سنڌ فنڊز روڪي ڇڏيا آهن، اُلٽو غير قانوني ڪٽوتيون به ڪيون پيون وڃن،حيات پتافي ۾ شڌاڻي درٻار تي حاضري ڏيڻ ۽ هندو برادري جي وفدن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڌاڻي درٻار ۽ حيات پتافي شهر لاءِ سنڌ حڪومت طرفان خاص پيڪيج ڏياريندس. ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اتي موجود ماڻهن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامياب جلسو ڪرائڻ تي گهوٽڪي واسين جو ٿورائتو آهيان، حيات پتافي شهر جي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس. حيات پتافي کي ڊگري ڪاليج ۽ اسپتال سوڌو ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. اُن حوالي سان به خصوصي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس. پ پ چيئرمين چيو ته اسان برابري جي بُنياد تي ڪم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته، هندو هجن يا مسلمان، سڀ گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ٽئڪس جا ڏنل پئسا وفاق کائي ويو آهي، پيپلز پارٽي عوام جو حق وٺي رهندي. اُن کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي شداڻي درٻار تي آمد دورانصوبائي وزير باري پتافي، بابر خان لنڊ ۽ ڄام مهتاب ڏهر سوڌو ٻيا اڳواڻ پهتل هئا، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي آمد کان اڳ شهر بند ڪرائي رستا خالي ڪرايا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جا به غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *