Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري “ ان گائيڊيڊ ” ميزائيل آهي، حڪومت ۾ هوندي به اپوزيشن ۾ هوندي: اياز صادق

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران پي ٽي آءِ جي، ايم اين اي شيرين مزاري کي ان گائيڊيڊ ميزائل قرار ڏيندي چيو آهي ته، شيرين مزاري جي پارٽي جي حڪومت ته ٺهي پئي پر هوءَ رهندي وري به مخالف ڌر ۾ ئي رهندي، ڪاش شيرين مزاري اسپيڪر ٿئي ها ۽ مان هتان بيهي ساڻس ائين ڳالهايان ها جيئن هن مونکي پريشان ڪيو، اياز صادق جي جي جملن تي ايوان ٽهڪن سان گوجندو رهيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته، 2013 ۾ پاڪستان جي پهرين جمهوري حڪومت ٻي حڪومت کي اقتدار منتقل ڪيو، اسپيڪر جي عهدي تي رِهي مون چور ۽ جعلي اسپيڪر جا طعنا ٻڌا پر پيشاني تي گهُنج به نه آيا.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق چيو ته، 2013  ۾ پاڪستان جي پهرين جمهوري حڪومت ٻي حڪومت کي اقتدار منتقل ڪيو. اسپيڪر جي عهدي تي رِهي مون چور ۽ جعلي اسپيڪر جا طعنا ٻڌا پر پيشاني تي گهُنج به نه آيا. اسپيڪر جي عهدي جو احترام رکندس ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس، جو شرمسار ٿيڻو پوي، منهنجا ڪجهه سال تمام گِهڻي تڪليف وارا هئا، جنهن تي دل آزاري به ٿي. اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته، پ پ 2014 وارن ڌرڻن ۽ استعيفائن وارن معاملن تي ساٿ ڏنو، مشڪل وقت ۾خورشيد شاهه تمام گهڻو ساٿ ڏنو جيڪو تعريف جوڳو آهي، شڪر ادا ڪريان ٿو ته ميمبرن جون استعيفائون ايوان ۾ منظور نه ٿيون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري تي مذاق ۾ جملي بازي پڻ ڪئي. اياز صادق چيو ته شيرين مزاري اِن گائيڊيڊ ميزائيل آهي جيڪا پنهنجي مٿان وڃي ڪِرندي. هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته شيرين مزاري اسپيڪر ٿئي ها ۽ پوءِ آئون به اهو ئي ڪريان هئا، جيڪو ڪجهه هو ڪندي هئي. نون ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو ته شيرين مزاري حڪومتي بئينچ ۾ نه پر اپوزيشن ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *