Thursday , March 28 2024

پي اين ايس سي بلڊنگ، ڪسٽم هائوس ۽ سنڌسيڪريٽريٽ ۾ موڪل جي ڏينهن باهه..!!

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) ”ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لڳل باهه واري واقعي سان شهر اندر سرڪاري آفيسن ۾ موڪل وارن ڏينهن تي لڳل باهه جي واقعن جو تسلسل لڳي رهيو آهي“، اهو چوڻ آهي، سنڌ حڪومت جي هڪ اهم کاتي ۾ مقرر هڪ سيڪريٽري جو.

  ڪراچي: پي اين ايس سي ٽاور ۾ لڳل باهه جو ڏيک (فائيل فوٽو)

ان سيڪريٽري نالو نه لکڻ جي شرط تي، سنڌ سماءَ چار کي روبرو ملاقات دوران چيو ته ” سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ باهه وارو واقعو حادثو نه ٿو ٿي سگهي، هاڻي ڀلي ڪير ڪهڙا به ٻڌائي يا ثابت ڪري. نيو سيڪريٽريٽ جي عمارت ۾ وڏي وزير، چيف سيڪريٽري جون آفيسز آهن. صحت، ورڪس اينڊ ڪميونيڪشن کاتي ۽ خوراڪ کاتي جون به آفيسز آهن“. سندس چوڻ هو ته، ” سڀني کي خبر آهي آهي ته، اڄڪلهه سنڌ واٽر ڪميشن به سرگرم آهي، جنهن جي ڪاررواين سان پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ وارن منصوبن، اسپتالن جي حالت ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سميت انهن سان لاڳاپيل کاتن جي منصوبن جي ناڪارا هجڻ جون ڳالهيون به سامهون اچي چڪيون آهن ۽ اڃا اچڻيون آهن.

  ڪراچي: پي اين ايس سي ٽاور ۾ لڳل باهه جو ڏيک (فائيل فوٽو)

ان سڄي معاملي ۾ ورڪس ۽ اينڊ سروسز ۽ صحت کاتي جو مک ڪردار آهي، لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جا به کوڙ اهڙا مامرا آهن جن بابت ڪجهه ڪيسز مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن. انهن ڪيسن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل اهم شخصيت تي الزام آهن، مان ئين نه ٿو چوان ته اُهي ملوث آهن، پر الزام ضرور آهن ۽ ڪيس هلندڙ آهن“. ان ڪاموري جو اهو به چوڻ هو ته، جهڙي نموني پنجاب ۾ احد چيما پنجاب جي وڏي وزير جو ساڄو هٿ ۽ ٻئي اکيون بڻيل رهيو ۽ نيٺ اهو به پڪڙ ۾ اچي ويو آهي ته، شهباز شريف سميت پنجاب حڪومت کان دانهون نڪري ويون آهن؛ سنڌ ۾ به اهڙا ڪامورا ويٺل آهن ۽ اڄڪلهه اُهي نيو سنڌ سيڪريٽريٽ /بلڊنگ -2 ۾ ئي ويهن ٿا“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *