Friday , April 19 2024

پي ايس 86 ننڍي چونڊ، پيپلزپارٽي فوج جي مقرري تي اعتراض واري ڇڏيو

پي ايس 86 ننڍي چونڊ، دوران فوج جي مقارري تي اعتراض آهي، اليڪشن ڪميشڻ ادارن کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري: تاج حيدر

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) دادو جي پي ايس 86 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن پاران پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ جي فيصلي تي اعتراض واري ڇڏيا آهن، تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چو آهي ته ادارن کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. دادو جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 86 تي ستين نومبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جون تياريون زور سان جاري آهن، پيپلز پارٽي پاران پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج جي مقرري واري امڪاني فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن خط لکي اعتراض واري ڇڏيو آهي.

پيپلز پارٽي اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته، پي ايس 86 تي ننڍي چونڊ دوران پولنز اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوجن کي مقرر ڪرڻ تي پيپلز پارٽي کي اعتراض آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌڻ اچي پيو ته پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر مقرر ٿينديڙ پاڪ فوج جي عملدارن کي پولنگ واري ڏينهن لاءِ مئجسٽريٽي اختيار به ڏنا پيا وڃن، جيڪو عمل بهتر ناهي. تاج حيدر خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اهڙا فيصلا ڪري ادارن کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *