Thursday , April 18 2024

پي ايس 114 تي نيٺ پ پ ميدان ماري ورتو، پهريون ڀيرو ايم ڪيو ايم پاران ناڪامي تسليم ڪري ورتي

PS-114 candidates

ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي صوبائي تڪ 114 تي ننڍي چونڊ جي غيرسرڪاري نتيجن ۾ پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو آهي، پ پ اميداور سعيد غني 23840 ووٽن کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪامران ٽيسوري ٻئي نمبر تي رهيو.

ڪراچي جي پي ايس 114 تي ٿيدل ننڍي چونڊ ٿي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار سعيد غني 23840  ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪامران ٽسوري 18 هزار 106، مسلم ليگ ن جي علي اڪبر گجر 5 هزار 353، تحريڪ انصاف جي اميدوار نجيب هارون 5 هزار 98، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار ظهور احمد هڪ هزار 661 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. پي ايس 114 واري سيٽ مسلم ليگ جي ايم پي اي عرفان الله مروت جي نااهل ٿيڻ سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ ۾ نيٺ پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ پوليس ۽ رينجرز جي سخت پهري هيٺ ٿي، جنهن دوران 92 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ ٿي، ننڍي چونڊ گهڻي ڀاڱي پرامن نموني ٿي. تڪ جي 92 پولنگ اسٽيشنن مان 60 پولنگ اسٽيشنز حساس ۽ 32 انتهائي حساس قرار ڏنل هيون، پولنگن جي اندر توڙي ٻاهر رينجرز جا اهلڪار مقرر ٿيل هئا، جڏهن ته رينجرز جا اهلڪار گشت پڻ ڪندا رهيا. ووٽنگ دوران رڳو هڪ چنيسر ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ ٿي، جتي 2 اميدوار جهيڙي دوران هٿين پئجي ويا پر رينجرز ترت صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي ورتو. چنيسر ڳوٺ واري پولنگ تي رينجرز پ پ جي اميدوار سعيد غني کي دستاويز پورا نه هئڻ جي ڪري پولنگ کان ٻاهر روڪي ورتو ۽ کيس اندر وڃڻ نه ڏنو. سعيد غني کي روڪڻ تان پ پ ڪارڪن مڇرجي پيا.

PS-114 001

اهڙي واقعي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي اميدوار سعيد غني چيو ته رينجرز جي سپاهين مون کي ڌڪا ڏنا، ووٽرن کي ڊيڄاريو ويو، اسان سان رينجرز جو رويو تعصب وارو آهي. ٻئي پاسي رينجرز جي ڊي جي ميجر جنرل محمد سعيد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اميدوار سعيد غني جي رينجرز تي ڌر هئڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته رينجرز تي ڌر هئڻ جا الزام هڻندڙ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن. هن چيو ته پ پ جي اميدوار کان سواءِ باقي ٻئي ڪنهن به اميدوار رينجرز تي ڪي به اعتراض نه ڪيا آهن، رينجرز چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن تي ڪنهن به اميدوار، ووٽر يا ميڊيا نمائندي کي نه روڪيو آهي، ان کان اڳ چنيسر ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي رينجرز چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به سياسي پارٽي کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانون موجب حل ڪرايو وڃي، ڪنهن کي ڪم خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ووٽرن ۽ ميڊيا نمائندن سميت ڪنهن جي به جهڙتي وٺڻ اسان جي مجبوري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *