Thursday , April 25 2024

پي ايس 11 ننڍي چونڊ، پ پ اميدوار جميل سومرو جي چونڊ مهم پيپلزپارٽي لاءِ امتحان  بڻجي وئي

پي ايس 11 ننڍي چونڊ، جميل سومرو جي چونڊ مهم پيپلزپارٽي لاءِ امتحان  بڻجي وئي، توقير فاطما ڀٽو جو گهيراءُ

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي رٿيل ننڍي چونڊ دوران پيپلز پارٽي چونڊ مهم هلائڻ امتحان بڻجي وئي آهي، پيرين اگهاڙو ورڪ تي نڪتل اڳوڻي صوبائي وزير جي شهرين هڪ نه ٻڌي، واپس رواني. لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي 11هين آڪٽوبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ تڪ تي نامزد پ پ اميدوار جميل سومرو جي چونڊ مهم شروع ٿيندي ئي ڏکيائين جي ور چڙهي وئي آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ جميل سومروي جي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ نڪتي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر عورت اڳواڻ توقير فاطما ڀٽو تڪ ۾ پ پ پ اميدوار جي چونڊ مهم لاءِ نڪتي ته شهر جي علي گوهر آباد واري علائقي ۾ سماجي ڪارڪن احمر اڪبر ۽ ٻين شهرين جي وڏي انگ پيپلز پارٽي ۽ پ پ اميدوار جميل سومري خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شهرين چيو ته حڪومت جي 11 سالن دوران شهر ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي  تي ڪرپشن ڪئي وئي ۽ جيڪي ڪم ڪرايا ويا انهن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اهي به تباهه ٿي ويا آهن، لاڙڪاڻي شهر ۾ منشيات عام جام وڪرو ٿيڻ ڪري نئون نسل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ تعليمي ادارا به تباهي  جي ڪناري تي پهتل آهن.

شهرين جي احتجاج دوران توقير فاطما ڀٽو صرف ايترو چيو ته مان پيرين اگهاڙي آئي آهيان، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ توهان وٽ آيو ۽ ايندو، جنهن تي هڪ شهري کيس چيو ته، اُهو پنج سال اڳ به آيو هو، اسان ته چاليهه سالن کان ووٽ ڏنا آهن پر شهر کي ڏنو ڇا اٿؤ، ان دوران توقير فاطما ڀٽو چيو ته، مان پيرين اگهاڙي بيٺي ورڪ ڪيان پئي پ پ اميدوار کي ووٽ ڏيو، پر شهرين جي نعريبازي سبب اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطما ڀٽو ڪار ۾ ويهي تڪڙي اتان نڪري وئي.

”فاطمه ڀٽو! پنهنجي شامي ماءُ جو وات بند ڪراءِ نه ته سندس رهيل سهيل عزت به مٽي ۾ ملي ويندس“: بلاول هائوس جو ترجمان جميل سومرو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *