Friday , April 26 2024

پي آءِ اي جون  اڏامون بحال، 150 پاڪستاني اڄ اسلام آباد پهچي رهيا آهن

پي آءِ اي جون  اڏامون بحال، 150 پاڪستاني اڄ واپس وطن پهچن پيا، سمورن مسافرن کي ڪرونا ايس او پي مان گذرڻو پوندو: ظفر مرزا

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي چيف رپورٽر) وفاقي حڪومت جي هدايتن تي چين لاءِ معطل ڪيل هوائي سفر بحال ڪيو ويو آهي، پهرين اڏام سومر تي صبح جو ڏيڍ سئو مسافر کڻي اسلام آباد پهچي رهي آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ  آهي ته، چين ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سبب احتياطي طور چين لاءِ هوائي سفر معطل ڪيو ويو هو، 29جنوري کان چين مان پاڪستان ۽ پاڪستان مان چين لاءِ هوائي آپريشن معطل رهيو آهي. سي اي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته، چين سان معجطل ڪيل هوائي سفر وارو آپريشن بحال ڪيو ويو آهي، اڄ سومر ڏينهن ٽين فيبروريءَ تي پهرين اڏام اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچندي، جنهن ۾ 150 مسافر سوار هوندا.

وزيراعظم عمران خان جي صحت واري وزارت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته، هن وقت تائين 50 جي لڳ ڀڳ مسافر چين کان پاڪستان پهچي چڪا آهن پر اُهي سڌا چين ڱان پاڪستان ناهن آيا. ظفر مرزا ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته پي آءِ اي چين لاءِ معطل ڪيل هوائي سفر وارو آپريشن بحل ٿي چڪو آهي، چين مان ايندڙ ماڻهن کي ڪرونا وائرس لاءِ جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *