Friday , March 29 2024

پيپلز  پارٽي 26 ڊسمبر تي اجلاس سڏائي ورتو، اهم فيصلن جو امڪان

پ پ 26 ڊسمبر تي اجلاس سڏائي ورتو،بيگم صنم ڀٽو،ليڊيز ونگ،يوٿ ۽ پي ايس ايف کي سرگرم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي کان هڪ ڏينهن اڳ پارٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي پاليسي جي نئين سر جائزي وٺڻ ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ، پي ايس ايف ۽ يوٿ ونگ کي سرگرم ڪرڻ بابت به اهم فيصلا ڪيا ويندا. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه سميت پ پ جي ٻين اڳواڻن خلاف نيب جي سرگرم ٿيڻ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري جي گرفتاري يا نيب ريفرنس داخل ٿيڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئونديرو هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرز کانسواءِ سينئر پارٽي اڳواڻ ۽ پ پ پ سان واڳيل قانوني ماهر به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ بيگم صنم ڀٽو جي پارٽي ۾ امڪاني ڪردار ۽ کيس ڪا ذميواري حوالي ڪرڻ بابت به فيصلو ڪيو ويندو، پر اهو ان ڳالهه سان مشروط هوندو ته صنم ڀٽو سياست ۾ سرگرم ٿيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿي ته ان صورت ۾ اهم ذميواري ڏني ويندي، ڇو ته صنم ڀٽو اڃا تائين حتمي طور تي پيپلز پارٽيءَ ۾ سرگرم ٿيڻ ۽ ذميواري سنڀالڻ لاءِ مڪمل طور تي راضپو ظاهر ناهي ڪيو، پر ان بابت ڳالهيون هلندڙ آهن.

ان سلسلي ۾ ذريعن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته، بيگم صنم ڀٽو جي وطن پهچڻ بعد ڇنڇر واري ڏينهن بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان اڪيلائي ۾ چار ڀيرا ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجي خدشن بابت به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. صنم ڀٽو ڇنڇر ڏينهن بلاول ڀٽوسميت پ پ سنڌ کانسواءِ پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي اڳواڻن قمرالزان ڪائرا، همايون خان، علي محمد جتڪ سان به بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگي ۽ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. انهن اڳواڻن سان ٿيل ملاقاتن بابت ذريعن ڪجهه به ٻڌائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو آهي ته انهن ملاقات دوران بيگم صنم ڀٽو بلاول ۽ انهن اڳواڻن کي ئي خبر آهي ۽ کين به سختي سان منع ڪئي وئي  آهي ته کائن ڪيل ڪجهه سوال ۽ معلومات بابت وقت اچڻ تي رڳو بلاول کي هوءَ پاڻ ئي ٻڌائيندي.

بلاول، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري جو پنهنجي پڦي صنم ڀٽو سان گروپ فوٽو (فائل فوٽو)

ان سان گڏ نئون ديرو هائوس ۾ سڏايل اجلاس بابت ذريعن سنڌسماءَچار کي وڌيڪ ٻڌايو ته، ان ڳالهه تي به ويچاريو ويندو ته جيڪڏهن آصف ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي 24 هين ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران ڪرپشن ريفرنس داخل ٿيڻ بابت ڪو حڪم جاري ٿئي ٿو ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ جيڪڏهن پارٽي جي ٻين اڳواڻن جا نالا به سامهون اچن ٿا ۽ سندن گرفتاري جا حڪم جاري ٿين ٿا ته ان صورت بابت به مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پيپلز ٿوٿ، پي ايس ايف ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ کي سرگرم ڪرڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي ويندي ۽ امڪان آهي ته پارٽي جي انهن ذيلي تنظيمن جي نئين سر جوڙجڪ بابت به فيصلو ڪري سرگرم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *