Saturday , April 20 2024

“پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ بجيٽ جي منظوري ۾ رڪاوٽ نه بڻجنديون”

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ”عوام دشمن وفاقي بجيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين“ ورا وڏي واڪي اعلان ڪندڙ پ پ پ ۽ نون ليگ پاران وفاقي بجيٽ جي منظوري ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي واريون ڪي به سنجيدگي واريون ڪوششون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي بجيٽ جي منظوري روڪرائڻ ۾ اپوزيشن پاران رڪاوٽون وجهڻ وارن اعلانن ۽ کانپوءِ نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ جي بظاهر غيرسرگرم نظر ايندڙ سينئر ۽ سنجيده سمجهيا ويندڙ اڳواڻن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون هيون، انهن ئي سرگرمين جي نتيجي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا ويا.

ان سلسلي ۾ sindhsamaachar.com پاران جڏهن پيپلز پارٽي جي هڪ ايم اين اي سان رابطو ڪيو ويو ۽ آصف زرداري جي پروڊڪشن آرڊرز جاري ٿيڻ کان اڳ ۽ بعد واري صورتحال بابت ڪجهه سوال ڪيا ويا ته، ان ايم اين اي نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ”آصف زرداري، سعد رفيق ۽ ٻين ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرائڻ واري نون ليگ ۽ پ پ پ جي زوردار مطالبي جي پٺيان اصل حقيقت اها ئي هئي ته حڪومت تي دٻاءُ وجهجي ۽ نيب ڪيسز سميت ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل سمورن ايم اين ايز جي پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي“، پ پ ايم اين اي ٻڌايو ته، ” اصل مطالبو صرف آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو هو، جنهن ۾ اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون، هاڻي معاملا ايڏا تڪراري نه هوندا، خاص طور تي نئين مالي سال واري بجيٽ جي سلسلي ۾ صرف سياسي بيان بازي تائين ئي محدود رهنداسين، اهو ٻڻي پاسن يعني حڪومت ۽ اپوزيشن خاص طور نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي پاسن کان اهڙي صورتحال هوندي“.

هڪ سوال جي جواب ۾ ان اڳواڻ ٻڌايو ته، ٻنهي پارٽين پاران 18 جون تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ بيڪ ڊور ڳالهيون هلندڙ هيون ته ساڳئي وقت پيپلزپارٽي جا ٻه کان چار سينئر اڳواڻ وري پي ٽي آءِ جي ٻن سينئر اڳواڻن جيڪي وزيراعظم جا انتهائي اعتماد وارا ساٿي آهن(اهي منظر تي گهٽ نظر ايندا آهن) انهن سان بيڪ ڊور ڳالهين ۾ مصروف هئا، معاملا سومر واري ڏينهن ئي نبرجي وڃن ها ۽ پروڊڪشن آرڊز به سمور جي شام تائين جاري ٿيڻا هئا، پر ڪجهه ڌرين جي مداخلت سبب طئي ٿيل ڳاليهن تي عمل رڪجي ويو.

هن ٻڌايو ته، حڪومت سان پ پ ۽ ن ليگ جي طئي ٿيل ڳالهين موجب ٻئي پارٽيون ۽ پي ٽي آءِ سياسي حڪمت عملي طور بجيٽ واري معاملي تي بيان بازي ته ضرور ڪري سگهن ٿا پر اسان (پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ) بجيٽ جي منظوري ۾ روڪاوٽون وجهڻ لاءِ ڪي سنجيده ڪوششون نه ڪنداسين، ان ۾ اهو به ممڪن آهي ته،  ” نون ليگ ۽ پ پ جا ڪجهه ميمبر بيمار ٿي پون ۽ اسپتال داخل ٿي سگهن ٿا، ڪجهه ميمبرز کي ڪو اوچتو ذاتي مصروفيت سبب پرڏيهه يا اباڻن علائقن ڏانهن وڃڻو پئجي وڃي“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *