Wednesday , April 24 2024

پيپلز پارٽي پاران گولڊن جوبلي جو اعلان-اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پاران ووٽرن ۽ وووٽن تي ……ڪرڻ سان شروع…!!!

 

ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران، پارٽي جي گولڊن جوبلي ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پاران ووٽرن سان انهن جي ووٽن لاءِ گٿا لفظ ڳالهائڻ جا اعلان گڏگڏ ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي اڳواڻن نيئر بخاري، فرحت الله بابر، سيد قائم علي شاهه، شيري رحمان، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سيد آخوندزاده چٽان اعلان ڪيو ته 2018 جو سڄو سال پيپلز پارٽي جي گولڊن جوبلي طور ملهيايو ويندو. گولڊن جوبلي تقريبن جي شروعات 30 هين اڪٽوبر يا ان کان فوري پوءِ شروع ڪيون وينديون. گولڊڻ جوبلي جي مک شيڊيول جو اعلان ڪندي نئير بخاري ۽ ٻين چيو ته، 30 آڪٽوبر کان ايندڙ سال آڪٽوبر تائين پ پ جي گولڊن جوبلي جو سال آهي. ان حوالي سان اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ 30 آڪٽوبر تي جلسو ڪيو ويندو، جيڪڏهن 12 ربيع الاول 30 آڪٽوبر تي ٿي ته جلسو پهرين نومبر تي ڪرايو ويندو. ان بعد ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ پوري ملڪ  توڙي پرڏيهه مان به وفد شريڪ ٿيندا،  پ پ جا 50 سال جدوجهد ڪندي گذريا آهن.

پ پ جي گولڊن جوبلي ۽ آغا سراج دراني پاران ووٽن تي …. ڪرڻ جي تصديق

پيپلز پارٽي پاران گولڊن جوبلي جي تقريبن جو اعلان ڪرڻ سان گڏ ئي سنڌي اسيمبلي جي اسپيڪر، اڳوڻي تعليم ۽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي صوبائي وزير، شڪارپور ۾ چيو آهي ته، ”هُو وٽرن جي ووٽرن جي وٽن تي ….. ڪري ٿو، کيس ووٽن جي ضرورت ناهي…..“

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *