Thursday , March 28 2024

پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جو مدو وڌائڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي، فرحت الله بابر چيو آهي ته، ڪجهه طاقتون عدليه کي 18هين ترميم خلاف استعمال ڪري رهيون آهن، پ پ سميت سموريون سياسي پارٽيون ارڙهين ترميم جي حمايت ڪن ٿيو، بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول جي سربراهي ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي يوسف رضا گيلاني،فرحت الله بابر ۽ مرتضيٰ وهاب چيو ته، ارڙهين ترميم جو دفاع ۽ عوامي مسئلن تي آواز اٿارڻ تي پ پ جي قيادت ۽ اڳواڻن مٿان نئب ۽ ايف آءِ اي جي تلوار لٽڪائي وئي آهي.  فرحت الله بابر چيو ته ڪجهه طاقتون عداليه کي 18 هين ترميم خلاف استعمال ڪري رهيو آهن. پيپلز پارٽي سميت سموريون سياسي پارٽيون ارڙهين ترميم جي حمايت ڪن ٿيو، ڪو به ان کي رول بيڪ نه ڪندو. فرحت الله بابر چيو ته عوام جي ڳالهه ڪرڻ تي پ پ مٿان نيب ۽ ايف آءِ اي جي تلوار لٽڪائي وئي آهي ان ڪري ئي بلاول جو نالو جي آءِ ٽي ۾ وڌو ويو، اسان نيب ۽ جي آءِ ٽي کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان هميشه ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ سرخرو ٿيندا رهيا آهيون، هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي خدمت جاري رکندي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ماڻهن جي گم ٿيڻ واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت وفاقي سرڪار صوبن کان ڪجهه ادارا واپس وٺي رهي آهي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. يوسف رضا گيلاني چيو ته ارڙهين ترميم تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، سموريون سياسي پارٽيون 18هين ترميم جون حامي آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 18هين ترميم تحت سنڌ جي 3 اسپتالن جا انتظام وفاق حوالي ڪيا ويا آهن، جيڪا انصافي آهي، پ پ 18هين ترميم ذريعي ننڍن صوبن مان محرومي ختم ڪئي. يوسف رضا گيلاني وفاقي سرڪار کان ڏکڻ پنجاب صوبي جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي قيادت ماضي ۾ ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ هاڻي به ڪيسز کي منهن ڏنو ويندو. نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسه بابت هن چيو ته، اسان کي اميد آهي ته نئون چيف جسٽس شهيد ڀٽو ڪيس جلد اڪلائيندو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڪيس به جلد توڙ تي پهچندو.ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ادارا ٺاهڻ بدران تباهه ڪري ڇڏيا آهن، پ پ  قيادت جا نالا اي سي ايل مان نالا خارج ڪري وفاقي سرڪار ڪو احسان ناهي ڪيو، اسان گهٻرايون نٿا، پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *