Saturday , March 30 2024

پيپلز پارٽي سنڌ جي ويري هجڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي آهي؟؟ – نصير ميمڻ

پيپلز پارٽي سنڌ جي ويري هجڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي آهي؟؟ – نصير ميمڻ

Naseer Memon01

سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل محترم ضمير گهمري 26 مئي تي روزاني ڪاوش ۾ پنهنجي آرٽيڪل ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ جو جائزو پيش ڪندي ڪجهه ڳالهيون لکيون آهن. مضمون ۾ سنڌ اندر خراب حڪمرانيءَ کي تاريخي حقيقتن جو تسلسل قرار ڏيندي اهو دليل ڏنو ويو آهي ته پنجاب ۽ پختونخوا جي ڀيٽ ۾ سنڌ وٽ جيئن ته حقِ حڪمراني نه رهيو آهي، تنهن ڪري هتي حڪومتي ۽ انتظامي ڍانچو ڪمزورين ۽ خرابين جو شڪار رهيو آهي. سندس راءِ آهي ته سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي هاڻوڪي صورتحال کي تاريخ جي تسلسل ۾ ڏٺو وڃي.

ضمير گهمرو عهدي جي لحاظ کان سرڪاري وڪيل به آهي، تنهن ڪري حڪومت مٿان ٿيندڙ تنقيد بابت سرڪار جي حق ۾ دليل ڏيڻ يا ان صورتحال جو سياسي تاريخ کي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ سندس بنيادي حق آهي. عهدي کانسواءِ به حڪومت بابت ڪي به خيال رکڻ ۽ انهن جو اظهار ڪرڻ هر فرد جو بنيادي حق آهي، جنهن جو احترام ٿيڻ گهرجي.ضمير گهمري جي ڇپيل مضمون سان سخت ترين اختلاف رکڻ به هر ڪنهن جو حق آهي. ضمير گهمري جي آرٽيڪل جا ڪجهه اهم نڪتا هن ريت بيهن ٿا:

1-پيپلزپارٽي سر شاهنواز ڀٽي جي دور کان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪن وسيلي ان سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄوڪي پيپلزپارٽي به ان جو ئي تسلسل آهي.

2-پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 2008ع تائين سنڌ مٿان سڌي توڙي اڻ سڌيءَ طرح اسلام آباد جو راڄ رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرين حڪومت کانسواءِ سنڌ واسين جي چونڊيل ڪنهن به حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو سنڌ واسين جي چونڊيل حڪومت پنهنجا ڏهه سال پورا ڪري رهي هوندي. وفاق مان صوبن تي راڄ ڪندڙ طاقتن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري اهي طاقتون پيپلزپارٽي حڪومت لاءِ وقت بوقت ڏکيو ماحول پيدا ڪنديون رهيون آهن.

3-پيپلزپارٽي 18 هين ترميم وسيلي صوبن کي سياسي طور سگهارو بڻايو، جنهن جو ڪريڊٽ پ پ پ قيادت کي ملڻ گهرجي.

4- پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ مخالفت ڪندڙ ڌريون درحقيت ان کان به بدتر رڪارڊ رکن ٿيون ۽ پنهنجي پاليسين ۽ عمل ۾ مرڪز جي اشاري جون منتظر رهن ٿيون. جيئن ته انهن ڌرين جو پنهنجو ماضي ساڳين حوالن سان وڌيڪ داغدار رهيو آهي، تنهن ڪري انهن جا اخلاقي بنياد ڪمزور آهن.

ضمير گهمري جي مضمون جو تت هن ريت نظر اچي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪا به انتظامي بربادي آهي، ان جو اصل ڪارڻ سنڌ واسين وٽ سياسي حڪمراني نه رهڻ آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ نه انتظامي ڍانچو اسري سگهيو آهي، نه سنڌين کي حڪمراني هلائڻ جو ڏانءُ مليو آهي. ضمير گهمري جي ان مضمون کي مخالفت يا حمايت واري اک سان ڏسڻ ۽ ضمير گهمري پاران سرڪاري وڪيل طور حڪومت جي حمايت ۾ عدالت اندر دليل ڏيڻ واري سندس ڪردار بجاءِ انهن نڪتن تي سياسي حوالي سان بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مضمون ۾ پيپلزپارٽيءَ جي شروعاتي دور ۾ بمبئي کان آزاديءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ان جي ڪردار کي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جماعت وارو تاثر ڏيڻ تاريخي سچائين جي ابتڙ آهي. خاص طور تي ون يونٽ ٽوڙڻ واري واقعي جو ڪريڊٽ پيپلزپارٽي ۽ ڀٽي صاحب کي بلڪل نٿو ڏئي سگهجي. جڏهن سنڌ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ رڌل هئي، تڏهن ڀٽو صاحب ان ئي ون يونٽ حڪومت ۾ ايوب خان جي ڪابينا ۾ اهم عهدن تي فائز رهيو. ان عرصي دوران پنهنجي ذهانت ۽ ڪشمير معاملي تي اسٽيبلشمينٽ جي لائين کي هٿي ڏيڻ سبب ڀٽو صاحب اسٽيبلشمينٽ جي اهم حلقن وٽ مقبول ٿيو. ايوب خان سان اختلافن کان پوءِ هن پيپلزپارٽي ٺاهي جيئن ملڪ اندر هڪ سياسي طوفان برپا ڪيو ۽ عوام ۾ غير معمولي شهرت حاصل ڪئي، اها هڪ الڳ حقيقت آهي پر ڀٽي جي ايوب مخالف تحريڪ سنڌ واسين لاءِ يا ون يونٽ خلاف نه هئي. البته ايوب مخالفت ۾ ۽ عوامي سطح تي ون يونت خلاف سگهاري عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڀٽي صاحب ان وقت ون يونٽ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ون يونٽ جي جاري نه رهڻ جا امڪان چٽا ٿي رهيا هئا. ڀٽي صاحب حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ جيئن حڪمراني هلائي ان ۾ ڪي قدم سنڌ لاءِ نهايت واکاڻ جوڳا هئا ته ڪي قدم وري تنقيد جوڳا به آهن- ساڳي طرح 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جا ٻه اڻ مڪمل حڪمرانيءَ وارا دور به چڱن ۽ خراب قدمن جو مجموعو هئا، جنهن تي الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو. جيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي، سر شاهنواز ڀٽي جي پارٽيءَ جو تسلسل نه هئي، تيئن بينظير صاحبه جي دور واري پيپلزپارٽي به ڀٽي صاحب جي دور جو تسلسل نه هئي. اڄوڪي پيپلزپارٽي به ڀُٽي ۽ بينظير جي پيپلزپارٽيءَ جو تسلسل ناهي ۽ ان جو مجموعي ڪردار ماضيءَ جي ٻنهي دورن کان وڌيڪ تنقيد جو مستحق آهي.

هاڻي اچون ٿا ان حقيقت ڏانهن ته ڏيڍ سئو سالن کانپوءِ مليل اقتدار اعليٰ ۽ خاص طور تي ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ مليل موقعي ڏانهن- 2008ع کانپوءِ پيپلزپارٽي لڳاتار سنڌ مٿان حڪومت جا ڏهه سال مڪمل ڪري رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ارڙهين ترميم ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين صوبائي خودمختياريءَ لاءِ کنيل سڀ کان وڏي ٻرانگهه آهي. ان ترميم هڪ طرف صوبن کي ڪيترن ئي اهم سبجيڪٽن جي مالڪي ڏني ته ٻئي طرف صوبائي معاملن ۾ وفاق جي مداخلت جا دروازا بند ڪيا، پر سوال اهو آهي ته ڇا پيپلزپارٽي عوام پاران مليل ووٽ ۽ 18 هين ترميم هيٺ حاصل ٿيل اختيارن کي صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪيو يا ان کي چند فردن جي صوبي مٿان مڪمل سياسي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي؟ ڏيڍ صديءِ کانپوءِ مليل اقتدار اعليٰ ڪا معمولي امانت نه هئي جنهن سان اهڙي ويڌن ڪئي وڃي ها. درحقيقت هيءُ ته تاريخ جو هڪ تمام وڏو موقعو آهي، جنهن کي سنڌ جي تقدير بدلائڻ جي ڪم آڻي پيو سگهجي. اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته سنڌ واسين کي ماضيءَ ۾ انتظامي ۽ اقتداري ڍانچي جا بنياد رکڻ جو موقعو نه مليو هو، پر هاڻي جڏهن اهو موقعو مليو آهي ته ان ڍانچي جا بنياد رکڻ جي ذميواري به پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت تي آهي. انتظامي ڍانچي جي صحت جا اهم بنيادي ٿنڀ آهن ميرٽ تي فيصلا ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ- انهن ٻن ٿنڀن کانسواءِ انتظامي ڍانچي جا بنياد پوڻ ناممڪن آهي. بدقسمتيءَ سان پيپلزپارٽي جي قيادت انتظامي ڍانچي جي انهن ٻنهي بنيادن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو بنياد به اهي ئي ٻه ڳالهيون آهن. پ پ حڪومت سنڌ جي انتظامي فيصلي سازي ۾ ميرٽ جو جهڙو حشر ڪيو آهي، اهڙو ته مارشلائن جي دور ۾ به نه ٿيو هو. هينئر به حڪومت جي توانائي پوليس جي نظام کي سڌارڻ بجاءِ هڪ آءِ جي کي هٽائڻ جي پٺيان صرف ٿي رهي آهي. ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر توڙي مختلف کاتن جا صوبائي توڙي ضلعي يا ان کان به هيٺين سطح تي سرڪاري حڪمن جي بجاءِ آوري نه ڪندڙ عملدار ٻئي ڏينهن تائين جٽاءُ نٿا ڪري سگهن. پاڻ ضمير گهمرو عدالتن جا رمارڪس ٻڌندو رهيو آهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ کڻي اهو به مڃون ته ٻيا سمورا ادارا پيپلزپارٽي جي حڪومت جا ويري ٿي پيا هوندا آهن، پر ڇا پيپلزپارٽي پاڻ سنڌ سان ويريءَ وارو رويو رکڻ ۾ ڪا رعايت ڪئي آهي؟ سنڌ کي گذريل ڏهن سالن دوران اقتدار اعليٰ جي وارثن جيڪا بدترين گورننس فراهم ڪئي آهي، ان کانپوءِ سنڌ واسي اهڙي اقتدار اعليٰ جي حمايت ۽ تحفظ لاءِ ڪهڙي تڙپ رکندا؟

اها ڳالهه به هڪ حد تائين درست آهي ته پارلياماني سياست ۾ سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ جي سامهون بيٺل اڪثر ڌرين جو ماضيءَ ۾ وفاقي اسٽيبليشمينٽ جي وفادار ۽ سنڌ کي برباد ڪرڻ سبب نهايت داغدار آهي، پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته پيپلزپارٽي جو پنهنجو ڪردار انتهائي شاندار آهي. درحقيقت پنهنجي مخالفن جي ان ڪردار هجڻ سبب ئي پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام جي موٽ ۽ ووٽ حاصل ڪري ٿي. سوال اهو آهي ته ڏيڍ صديءَ کانپوءِ مليل اهو اقتدار اعليٰ رڳو ڪجهه اعليٰ فردن لاءِ آهي يا ان مان سنڌ جي عوام کي به ڪو لاڀ ملندو؟ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي کنڊرن واري حالت، تعليمي ادارن جي بربادي، نوڪرين ۽ ٺيڪن جو ڪاروبار، آبادگارن کي بارداڻي کان وٺي جنسن جي جائز اگهن جو نه ملڻ، اسپتالن جي بدتر حالت، ٿر ۾ ٻارن جا اڻ کٽ موت، ٻيلن جي بربادي، ٻوڏن جي موسم ۾ به پوڇڙ تي پاڻي نه ملڻ، ضلعن جي انتظاميا مٿان وڏيرن جي والار ۽ اهم انتظامي عهدن تي قابليت بجاءِ وفادارين تي ٿيندڙ ڀرتين جهڙن قدمن جو نتيجو اڄوڪي سنڌ آهي، جنهن کي ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهو ڏندين آڱريون ڏئي ڏسن ٿا ۽ سنڌين جي حال تي چٿرون به ڪن ٿا ۽ رحم به کائن ٿا. ارڙهين ترميم ۽ ستين مالياتي ايوارڊ وسيلي صوبي کي مليل وسيلن ۽ اختيارن جو لاڀ عوام تائين پهچڻ بجاءِ اقتدار جي اعليٰ ڪرسين تي ويٺل فردن جي ور چڙهي ويو آهي. ڏيڍ صديءَ کانپوءِ سنڌ کي مليل پهرين اقتدار اعليٰ جي ڪل حاصلات اها آهي.

سنڌ واسين جو ڏهاڪن تائين اسلام آباد جي جبر هيٺ رهڻ سبب حڪومتن جو مخالف رهڻ وارو رويو حڪمرانيءَ جي هن نموني سان ته ويتر مضبوط ٿيندو. خود پيپلزپارٽي حڪومت خلاف هلائون ڪندڙ ڌرين کي به پ پ حڪومت جي ڪردار سبب اهڙا موقعا ملن ٿا. جڏهن ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کي پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ مٿان هلان برابر قرار ڏنو، تڏهن به سنڌ واسين اهو سوال اٿاريو هو ته پيٽروليم وارو کاتو ۽ سنڌ جي هائر ايجوڪيشن ڪميشن هٿ ۾ هجڻ وقت ڊاڪٽر عاصم سنڌ سان اهي ڪهڙيون ڀلايون ڪيون هيون، جنهن ڪري سنڌ واسي ان جي حمايت ۾ ٻاهر نڪرن ها. هن وقت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڏهن سالن کان اقتدار ۽ انتظامي ڍانچو هلائي رهي آهي، ضمير گهمرو پاڻ ئي ٻڌائي ته ان طريقيڪار سان پ پ حڪومت ڏهه سال ٻيا به سنڌ جو انتظام هلائيندي رهي ته ان سان سنڌ کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيندو؟ اقتدار اعليٰ تڏهن ئي مان ماڻيندو، جڏهن اهو عوام جي اعليٰ مفادن جي رکواليءَ لاءِ استعمال ٿيندو. ڏهه سال انتظامي ڍانچي کي بنيادي شڪل ۽ رخ ڏيڻ لاءِ ٿورا ناهن هوندا. مڃون ٿا ته ڏهاڪن جون خرابيون ڪجهه سالن ۾ ٺيڪ ناهن ٿينديون، پر گهٽ ۾ گهٽ انهن خرابين کي گهٽائڻ جا بنياد ته پئجي پئي سگهيا. ڀلا ٻيو نه ته اهو ته ٿي پئي سگهيو ته انهن خرابين کي ساڳي حد تائين محدود رکجي ها، پر هتي ته قصو ئي وڌيڪ بدتر ٿي رهيو آهي. مان هتي ڄام صادق يا ارباب رحيم جي دور سان ڪا به ڀيٽ نه ڪرڻ چاهيندس، ڇو ته انهن دورن ۾ به معاملا اسلام آباد مان طئي ٿيندا هئا، هاڻي ته سنڌ مٿان سنڌ جي چونڊيل حڪمرانن جي حڪمراني آهي. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي سموري تاريخ جي سڀ کان سگهاري حڪومت ٺاهي هئي. اهو موقعو 2013ع ۾ ختم ٿي ويو. ان کانپوءِ به ملڪي سطح تي نه تڏهن به صوبائي سطح تي اهم اختيار اڄ به صوبائي حڪومت وٽ آهن. اها به خبر ناهي ته اهو موقعو برقرار رهندو يا نه سنڌ واسين جي انهن سمورن سوالن جا جواب سنڌ جي حڪمرانن کي ئي ڏيڻا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *