Wednesday , April 17 2024

پيپلز پارٽي- سنڌ جي ماڻهن کي 10 سالن دوران ڏنو ڇا؟؟ – اصغر آزاد

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي اقتدار جا 10 سال مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن ۾ باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن. اقتدار جي آخري مهيني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ياد آيو آهي ته سنڌ سان زيادتيون ٿي رهيون آهي جنهن کي سڌو ذميوار وفاقي حڪومت يعني ن ليگ کي قرار ڏنو پيو وڃي.

پاڻ هتي گهڻي پٽاڙ ۾ وڃڻ بدران چند جملن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ان جي حڪومت پاران سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن ۾ بي حال ٿيڻ بابت ڪجهه سوال رکون ٿا ۽ ماڻهن کي به ڪجهه ٻڌائڻ گهرون ٿا.

ملڪ ۾ 2013 جي عام چونڊن دوران ٿيل عام چونڊن ۾ پ پ پ اڪثريتي پارٽي ٿي سامهون آئي جنهن، ان پ پ پ کي جيڪي ووٽ مليا انهن جو لڳ ڀڳ 72 سيڪڙو اهي ئي هاري ناري، پورهيت ۽ نوجوان هئا ۽ باقي وري سڌي طرح انهن سان لاڳاپيل ووٽر هئا. 2008 جي چونڊن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي حڪمراني سنڀالي. 2008 کان وٺي هيل تائين 10 سالن جي حڪمراني دوران، ڪمند جي مند اچڻ دوران ڪو هڪ به اهڙو سال ناهي رهيو جنهن دوران، ڪمند جي پيڙهائي لاءِ شگر ملز پنهنجي مقرر وقت تي چمنيون ٻاريون هجن؟؟ ڪو هڪ سال به اهڙُ ناهي رهيو جو ڪمند جي آبادگارن کي عدالتن جي حڪمن کانسواءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه ڏياريا هجن؟ آبادگارن کي ادائگيون وقت ٿيون هجن؟ رهتون بنا روئڻ، عدالتن ۾ دانهڻ جي ٿيون هجن؟؟

ڪو هڪڙو اهڙو سال ٻڌايو جنهن ۾ ڪڻڪ جو بارداڻو بنا ڪنهن رنڊڪ جي آبادگارن کي مليو هجي؟ ڪنهن کي بارداڻي جي لاءِ ڪنهن وڏيري کان سفارش ڪرائڻ يا وري رشوت نه ڏني هجي؟ بارداڻو وٺڻ لاءِ به ماڻهن عدالتن جا در نه کڙڪايا هجن، روڊن تي احتجاج نه ڪيا هجن؟؟؟ آهي ڪو جواب پيپلز پارٽي جي ”سنڌ جي هڏ ڏوکي ۽ عوامي پارٽي“ وٽ ڪو جواب.

پ پ جي هنن حڪمرانن سارين جي آبادگارن کي ڪڏهن ڪو امدادي اگهه ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي.؟؟ هن ”عوامي “ پارٽي ۽ شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي ڪڏهن ڪي بنا پروٽوڪول جي ڪٿي ڪي عوامي ڪچهريون ڪري بي پهچ ماڻهن جا مسئلا ٻڌا هجن ۽ اهي حل ڪرڻ لاءِ ڪي ٺلهيون ڪوششون ڪيون هجن…؟؟؟

سنڌ ۾ جڏهن پاڻي جَل هيو ڇا انهن ڏينهن ۾ به پڇڙي تائين پاڻي پهچايو ويو هجي؟؟ حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر جي بااثر ڀوتارن پاران چوري ٿيندڙ پاڻي کي روڪڻ لاءِ قانون مطابق ڪڏهن ڪا ڪارروائي ٿي؟؟

جاري….

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *