Tuesday , April 23 2024

ذاتي تڪرار تان پيپلز پارٽي جي عورت ايم پي اي شهناز انصاري قتل، علائقي ۾ خوف

شهناز انصاري جو قتل ذاتي طور ملڪيتي تڪرار تان ٿيو آهي: علائقي واسي

بلاول ڀٽو زرداري شهناز انصاري جي قتل جو نوٽيس ورتو

درياخان مري ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت ايم پي اي ۽ سينئر اڳواڻ شهناز انصاري ڀيڻ جي گهر اندر ڀيڻيويي جي ڀائيٽيي جي حملي ۾ مارجي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءَ پکڙجي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي تڪرار سبب پيش آيو آهي. دريا خان مري واري علائقي جي ڳوٺ شانو کوکر ۾ وقار کوکر سڌي فائرنگ ڪري شهناز انصاري کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي فائرنگ ۾ شهناز کي ٽي گوليون سيني ۾ لڳيون جنهن جي نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پئي، کيس نوابشاهه اسپتال نيون پي ويو ته زخمن جي سٽ  نه سهندي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏنو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شهناز انصاري جو سندس ڀيڻيويي زاهد کوکر سان ذاتي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، زاهد کوکر ڪجهه عرصو اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جو اڄ چاليهو هو، شهناز انصاري اڄ زاهد کوکر جي چاليهي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران گهر اندر مٿس سڌي فائرنگ ڪري نشانو بڻايو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان ملڪيت جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، پوليس موجب جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن،

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهناز انصاري جي قتل واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي وڏي وزير مراد علي علي شاهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آحي، وڏي وزير شهناز انصاري جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي به هديت ڪئي آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته شهناز انصاري جو قتل ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جوابدار قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *