Tuesday , April 16 2024

پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ايم ايم اي “پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن” اتحاد جوڙي ورتو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار)   پي ٽي آءِ مخالف هم خيال جماعتن مبينا ڌانڌلين خلاف پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن نالي نئون اتحاد ٺاهي ورتو، اتحاد پاران چونڊ نتيجن خلاف 8 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ نون ليگ اڳواڻ اياز صادق جي گهر آل پارٽيز ڪانفرنس جي ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چونڊ نتيجن خلاف احتجاج لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ آل پارٽيز اتحاد کي پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن نالي نئين اتحاد جو نالو ڏنو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف 8 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو. ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀاڻي وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نالن جو به اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ليگي اڳواڻ مشاهد حسين سيد چيو ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي وارين چونڊن ۾ ملوث آهي، ان لاءِ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌايو وڃي.

مشاهد حسين سيد جو چوڻ هو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ وارا چور دروازي ذريعي شيرواني پهري رهيا آهن. عمران خان خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ميان افتخار چيو ته اپوزيشن جون هم خيال جماعتون حلف کڻڻ بعد نئين حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيپلزپارٽي قائد ايوان جي چونڊ واري ڏينهن پارليامينٽ ۾ احتجاج جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب پ پ اڳواڻن جو چوڻ هو ته قائد ايوان جي چونڊ جي موقعي تي ايوان ۾ احتجاج جمهوريت لاءِ بهتر نه آهي ان ڪري ڪنهن ٻئي ڏينهن تي احتجاج ڪيو ويندو. اجلاس بعد ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته ڪميٽي طرفان اتحاد کي پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فئير اليڪشن جي نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته سڀاڻي وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اميدوارن جا نالا طئي ڪيا ويندا. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي ڪاميابي جي صورت ۾ ان ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *