Thursday , April 25 2024

پيپلزپارٽي فوجي عدالتن بابت 9 تجويزون پيش ڪري ڇڏيون

PC Zardari

پ پ فوجي عدالتن بابت 9 تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته تجويزن کي بحث لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداريءَ فوجي عدالتن جي قيام بابت تجويزون پيش ڪيون.

آصف زرداري پاران پيش ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته  فوجي آفيسر ۽ سيشن جج يا ايڊيشنل  سيشن جج کي گڏيل طور فوجي عدالتن جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي.

ٻين تجويز ۾ چيو ويو آهي ته  سيشن جج يا ايڊيشنل  سيشن جج جي مقرري جو اختيار لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏنو وڃي.

پ پ طرفان ٽين تجويز ڏني وئي آهي ته فوجي عدالتن جو مدو شروع ٿيڻ جي تاريخ کان هڪ سال مقرر ڪيو وڃي.

چوٿين تجويز  ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽس کي عدالتي رِويو جو اختيار هجڻ گهرجي.

پنجين تجويز ۾ چيو ويو آهي ته  هاءِ ڪورٽ کي فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل جو ڪيس 60 ڏينهن اندر اڪلائڻ گهرجي.

آصف زرداريءَ پاران پيش ڪيل ڇهين تجويز چيو ويو آهي ته  الزام هيٺ گرفتار ڪيل  شخص کي 24 ڪلاڪن اندر لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ستين تجويز ڏني وئي آهي ته جوابدار کي 24 ڪلاڪن اندر سندس گرفتاري جا سبب ٻڌايا وڃن، جڏهن ته اٺين تجويز ۾ چيو ويو آهي ته  جوابدار کي پنهنجي مرضيءَ مطابق وڪيل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

پ پ  نائين ۽ آخري تجويز پيش  ڪئي آهي ته 1984 جي شاهدي واري قانون تي مڪمل طور عمل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *