Saturday , April 20 2024

پيپلزپارٽي (ش ڀ) جو اڳواڻ شاهه علي لاشاري 6 ڏينهن کان گم، ايس ايس پي بنگش تي کنڀڻ جو الزام

ايس ايس پي مسعود بنگش شاهه علي لاشاري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جڙتو مقابلي جو شڪ: وارثن جو الزام

گهوٽڪي (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪشمور کان ڏهرڪي ويندي گم ٿي ويل پيپلز پارٽي  شهيد ڀٽو جي اڳواڻ شاهه علي لاشاري جو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، سندس وارثن ايس ايس پي مسعود بنگش تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته شاهه علي کي ايس ايس بنگش کنڀي گم ڪيو آهي، خدشو آهي ته کي جڙتو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويندو. ڇهه ڏينهن اڳ پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ شاهه علي لاشاري 6 ڏينهن اڳ ڪشمور کان ڏهرڪي وڃي رهيو هو ته گم ٿي ويو، جنهن جو موبائل فون به مسلسل بند آحي ۽ سندس گاڏي ب ه ڪٿان ناهي ملي ۽ نه ئي کين ڀنگ وغير جو ڪو فون آيو آهي. شاهه علي لاشاري جي پراسرار گمشدگي بابت سندس ڀاءُ مير حسن لاشاري جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ شاهه علي لاشاري جي نه گاڏي جو پتو پيو آهي ۽ نه ئي وري سندس موبائيل فون کُليل آهي. هُن چيو ته سندس ڀاءُ کي ايس ايس پي مسعود بنگش کنڀيو آهي، خدشوآهي ته کيس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويندو. پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جي وارثن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس جلدآزاد ڪيو وڃي.

بلاول ايم ڪيو ايم جي باني جي تقريرن تي پابندي کي غلط عمل قرار ڏئي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *