Wednesday , April 24 2024

پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، روايت برقرار، احتجاج ڪندڙ استادن لٺبازي

پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، روايت برقرار، احتجاج ڪندڙ استادن مٿان سنڌ اسيمبلي آڏو لٺ بازي، واٽر ڪينن جو استعمال 100 استاد گرفتار

ڪراچي(رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پيپلز اپرٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي روايت قائم رکندي، مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن مٿان لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري 100 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو، پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم. اقراءَ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج ڪندي 10 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر سندن مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا. جمعي ڏينهن سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ۽ استاد اڳواڻن جي وفد سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد پريس ڪلب آڏو ويٺل استادن سي ايم هائوس طرف مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين ان طرف وڃڻ کان روڪي ورتو، احتجاج ڪندڙ استادن سي ايم هائوس طرف وڃڻ کان روڪڻ بعد سنڌ اسيمبلي ڏان رخ ڪيو. استادن جي ريلي آرٽس ڪائونسل چورنگي وٽ رکيل رڪاوٽون پار پئي سنڌ اسيمبلي جي مک دروازي تائين پهچي ويا. استادن اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو، پوليس جي وڏي نفري به پهچي استادن مٿان ڪڙڪي پئي، پوليس ۽ استادن وچ ۾ چڪرين دوران پوليس جي لٺ بازي ۽ واٽر ڪينن جي استعمال دوران 4 استاد بيهوش ۽ زخمي ٿعي پيا، پوليس هڪ سئو کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري آرٽلري ميدان سميت مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو، بيهوش استادن کي ساٿين سول اسپتال منتقل ڪيو، جنهن بعد استاد ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ واپس ڪراچي پريس ڪلب آڏو آڏو احتجاجي ڪئمپ تي ويهي رهيا، جتي سندن سخت سيءَ ۾ به ڪئمپ قائم آهي. استادن جو مطالبو آهي ته سندن مطالبا منظور ڪري پڪو ڪيو وڃي جيڪو سندسن بنيادي حق آهي.

بااثر شخصيت جي مداخلت، آءِ جي سنڌ تي هٿ هلڪو رکڻ جي هدايت

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *