Wednesday , April 24 2024

پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر ڪرپشن الزامن هيٺ نيب وٽ پيش

Sattar Rajper 01

سکر(خاص نمائندو-سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوشهرو فيروز مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف ڪرپشن جي مختلف الزامن هيٺ نيب ۾ جاچ هلندڙ آهي. پ پ ايم پي اي ستار راڄپر قومي احتساب بيورو سکر ۾ پيش ٿي ٻن ڪلاڪن تائين پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب هُو ڪيترن ئي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو.

پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر ستار راڄپر ڪرپشن ذريعي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ وارن مختلف الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي. معاملو نيب ۾ وڃڻ کانپوءِ هن گرفتاري جي ڀؤ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت به ڪرائي ڇڏي آهي. هن الزام آهي ته ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ سندس ملڪيتن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي، جيڪي سندس آمدني کان تمام گهڻيون آهن.

ٻن ڪلاڪن تائين سکر نيب جي عملدارن آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ڪيترن ئي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عملدارن کيس ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن بابت تاريخ جو کيس ٻڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *