Friday , April 19 2024

پيٽرول هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو – مهانگائي گهٽجي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) تبديلي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول ٻه رپيا 70 پئسا في ليٽر وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظ۾ عمران خان چيو آهي ته مون حڪومت ۾ اچڻ وقت ئي معاشي ٽيم کي چيو هو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻي آهي. وفاقي حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ماريل عوام مٿان هڪ مهيني دوران ٻيو ڀيرو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، وزيراعظ۾ عمران خان جي منظوري کانپوءِ پيٽرو ٻه رپيا 70 پئسا في لٽر اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول هڪ سئو 11 رپيا 90 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر اگهه ۾ 2 رپيا 88 پئسا واڌ ڪري نئون اگهه هڪ سئو 16 رپيا 7 پئسا مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت لائٽ ڊيزل 3 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نئين قيمت اڻاسي رپيا ٽيويهه پئسا في لٽر ٿي وئي آهي، گاسليٽ به مهانگو ڪيو ويو آهي جنهن جي نئين قيمت 80 رپيا 19 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، حڪومت ۾ اچڻ وقت ئي مون پنهنجي معاشي ٽيم کي چئي ڇڏيو هو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻو آهي، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر به دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت جي پاليسين سان مهانگائي ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *