Friday , April 19 2024

پيٽرول جا اگهه گهٽجڻ تي ٽيڪس ڇو ٿا هڻو:چيف جسٽس جو وفاق کان پڇاڻو

اسلام آباد( سنڌرسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم  ڪورٽ، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت لاڳاپيل ادارن کان وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس، ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته عوام کي رليف ڏيڻ بدران هتي سيل ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، تيل جي اگهن جي چارٽ ٺاهي ڏنو وڃي ۽ لاڳاپيل ادار لکت ۾ جواب جمع ڪرائن.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن تي ڪهڙي قسم جا ٽيڪس لاڳو ٿيندا آهي؟ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه ڪهڙا آهن؟ ۽ هتي پيٽروليم شين جا اگهه ڇا آهن.؟جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پيٽروليم شين جا اگهه پاڙيسري ملڪ کان گهٽ آهن. چيف جسٽس چيو ته ڀارت سان اگهن جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي، ڇا ڀارت سان اسان جو آءِ ٽي ۾ ڪو مقابلوآهي؟  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجندا آهن ته سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو وڌايا ويندا آهن، جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جو وارو ايندو آهي ته ٽيڪس لڳايا ويندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڀارت ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي پاڪستان کان وڌيڪ آهي، چارٽ ٺاهي ڏنو وڃي ته پيٽروليم شين جي اگهن تي ڪيترو ٽيڪس لڳائڻ گهرجي ۽ آئل ڪمپني ۽ ڊيلر جو مارجن ڪيترو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول تي 11 ڏهائي 5 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو آهي. چيف جسٽس چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته عوام کي رليف نه ملندو آهي.  جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته تيل جي قيمت 100 ڊالر کان 50 تائين اچي وڃي ته به حڪومت اگهه گهٽ نه ڪندي آهي.  عدالت لاڳاپيل وزارت ۽ ادارن کي لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ ۽ پيٽرول جي اگهن بابت وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *