Friday , April 19 2024

پير جو ڳوٺ ۾ 10 سالن جي نينگري کي ٽَڪن عيوض وڪڻي پرڻائڻ جي ڪوشش

پوليس ڪارروائي ڪري 10 ورهين جي نينگري کي پرڻائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي،2 ڄڻا گرفتار

پير جو ڳوٺ (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) پير ڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاهه پاڙي ۾مامي 10 ورهين جي ڀاڻيجي کي ٽَڪن عيوض پرائڻ جي ڪوشش، پاڙيوارن جي اطلاع تي پوليس شادي روڪرائي ورتي، گهوٽ ۽ مامون گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پير جو ڳوٺ جي سيد دينل شاهه پاڙي ۾ 10 ورهين جي نينگري نُور عرف پوپري ککراڻي جي شادي ڪرائڻ دوران سندس رڙين تي پاڙيوارن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس شادي واري گهر تي ڇاپو هڻي نينگري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گهوٽ امتياز ککراڻي، سندس مامي ۽ ماءُ کي گرفتار ڪري نينگري کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. نينگري نور ککراڻي جو چوڻ آهي ته، سندس مامي ۽ امڙ ستر هزارن ۾ وڪرو ڪري امتياز ککراڻي سان شادي ڪرائي رهيا هئا، کين قرآن پاڪ جا واسطا ڏنا ان باوجود به نه مڙيا ته رڙيون ڪيون، جنهن تي پاڙيوارن پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي. کيس عدالت ۾ پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو، پوءِ عدالت جيڪو حڪم ڏنو ان تي عمل ڪرايو ويندو.پوليس موجب زبردستي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ان کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. نينگري نورِ ککراڻي ٿاڻي تي صحافين کي ٻڌايو ته سندس والد شفيع محمد ککراڻي هڪ سال اڳ فوت ٿي ويو آهي هينئر سندس چاچو صادق ککراڻي ۽ ماءُ پوپري ککراڻي خيرپور واسي نوجوان امتياز ککراڻي سان زبردستي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري نڪاح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *