Thursday , April 25 2024

پير جو ڳوٺ ۾ ڪجهه ڪلاڪن ۾ 251 ڪيس ظاهر، سڄو شهر مڪمل سيل

ڪرونا جا ڪيس وڏي انگ ۾ ظاهر ٿيڻ بعد پيرڳوٺ شهر مڪمل سيل، ايندڙ ويندڙ دڳ بند

پيرڳوٺ ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار)  ڪرونا وائرس سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي ويو آهي، ڪراچي کانپوءِ خيرپور ضلعو سخت متاثر، پيرپاڳاري جي پٽ راشد شاهه سميت پير جو ڳوٺ ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر وائرس جا 251 ڪيس ظاهر، ڊي ايڇ او خيرپور تصديق ڪندي چيو آهي ته پيرڳوٺ ۾ ظاهر ٿيل نون ڪيسز کانپوءِ انگ وڌي 281 ٿي ويو آهي، ضلعي انتظاميا پير ڳوٺ شهر کي مڪمل طور تي سيل ڪري رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي. خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي جي هيڊڪوارٽر ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پيرپاڳاري جي اباڻي ڳوٺ پير جو ڳوٺ ۾ جمعي ڏينهن ڪجهه ڪلاڪن اندر 251 ڪرونا جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪرونا جي نون ڪيسز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وبائي وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 281 ٿي ويو آهي، خيرپور ضلعو ڪرونا سبب سنڌ ۾ ڪراچي کانپُوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو چيو آهي ته، 381 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي هئي، جن جون رپورٽس اچي ويون آهن، جن مان 251 ماڻهن جون رپورٽس پازيٽو آيون آهن، ڊي ايڇ او ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فنڪشنل ليگ جو ايم پي سيد راشد شاهه جي ڪرونا ٽيسٽ به پازيٽو اچي وئي آهي. پيرجو ڳوٺ شهر ۾ سڀ کان پهريان ڪوٽ دينل شاهه ۽ سالار پاڙي ۾ ڪيس ظاهر ٿيا هئا. ٻئي پاسي ڪرونا جا وڏي تعداد ۾ ڪيسز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا پيرڳوڄ شهر کي مڪمل طور تي سيل ڪري رينجرز ۽ پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *