Friday , March 29 2024

پير جو ڳوٺ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

پير جو ڳوٺ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پيرڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ گهرن تي چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺ آدم خان مري جي رهواسين نياز جاگيراڻي، اعجاز، فقير نور علي، ولي جاگيراڻي ۽ ٻين  ٽنڊومستي _ پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين چيو ته ٽنڊومستي پوليس ناحق گھرن تي چڙهايون ڪري ٻارڙن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گھرن ۾ پيل سامان کڻي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس جي روزانو چڙهائين سبب سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ هو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *