Wednesday , April 24 2024

پيرڳوٺ ويجهو ٻيڙي سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي وئي، 2 لاش هٿ، ٻين جي ڳولا جاري

سنڌ حڪومت سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ پاڻي اچڻ کان اڳ ماڻهن جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو ذميوار به متاثر ڳوٺاڻن کي قرار ڏئي ڇڏيو

پيرجوڳوٺ (خاص نمائندو   سنڌ سماچار) پيرڳوٺ جي ڪچي واري علائقي ۾ درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه بعد پڪي ڏانهن منتقل ٿيندڙ ڳوٺاڻن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، علائقي واسين ٻن نينگرين جا لاش هٿ ڪري ورتا، 20ڄڻن کي به بچائي ورتو، جڏهن ته ٻين جيڳولا ڪئي پئي وڃي،. پير جو ڳوٺ جي ڪڇي واري علائقي جي ڳوٺ مور جهٻر شيخ واسي ٻيڙي ذريعي عورتن ۽ ٻارن سوڌو بچاءُ بند تي وڃي رهيا هئا ته ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، علائقي واسين بند ۾ ٽپو ڏئي نينگري ليليٰ ۽ سنڌو شيخ جا لاش ڪڍيا ويا،علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪري ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويل 20 ماڻهن کي بچائي ورتو آهي، بچي ويل ماڻهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺندڙ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڃا به ڪجهه ماڻهو ٻڏل آحن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. علائقي واسين ۽ ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ انتظاميا ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪو به سهڪار نه پئي ڪري، اڄوڪو واقعو به ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت پڪي طرف ويندي پيش آيو.ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو ذميوار ڳوٺاڻن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ 30 ماڻهن کي ويهاريو ويو، جِن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، جِن ڳوٺاڻن جي ٻيڙي اونڌي ٿي آهي. هن چيو ته انتظاميا ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اڳواٽ گهر خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پر اُنهن انڪار ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *