Tuesday , April 16 2024

پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن ۾ او پي ڊيز ۽ وارڊن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/ميرپورخاص/ نوابشاهه/جيڪب آباد (سنڌ سماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج دوران ملازمن تي پوليس تشدد خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ ملازمن اسپتالن جي  او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ملازمن سٽي بلاڪ، چانڊڪا اسپتال، چلڊرين اسپتال ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد محمود چانڊيو ۽ غلام حسين لانگاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري جناع چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد لطيف گوپانگ ۽ سرتاج احمد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن سرور آريجو، احسان لکمير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ بعد ايم ايس آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. نوشهروفيروز ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن سعود ٻوهيو، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺٽي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن  ۽ ڊاڪٽرن انور جاکرو، لياقت عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد  مظاهرو ڪيو. بدين ۾  پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن الهبچايو انڙ، علي بخش گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد  ڌرڻو هنيو.

ٽنڊوالهيار ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن غلام رسول خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن معز علي شاهه، محمد حنيف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد مظاهرو ڪيو. ڍورونارو، ٺاروشاهه، ڪنري، ميرپوربٺورو، نصيرآباد، سڪرنڊ، شهدادپور، شاهپور چاڪر، گمبٽ، پڊعيدن، ميرواهه گورچاڻي، سنڌڙي، جاتي، ڀان سيد آباد، تنگواڻي، ٺل، خانپور، ميان صاحب، ڏوڪري ۽ باڊھه ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا. ڪنڊياري، ڪي اين شاهه، پنڱريو، ميروخان، پيرجوڳوٺ، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ملازمن احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن تي پوليس تشدد وارو عمل مذمت جوڳو آهي. هنن چيو ته جيستائين پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا منظور نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *