Tuesday , March 19 2024

پيئڻ جو صاف پاڻي وارو معاملو ” واٽر بم “ بڻجي ويو آهي،وڏو وزير اربع ڏينهن ڪورٽ ۾ پيش ٿئي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پيئڻ جي صاف پاڻي وارو معاملو ” واٽر بم “ بڻجي ويو آهي، وڏو وزير اربع ۽ اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال اڱاري ڏينهن (اڄ) سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿين.پيئڻ جي پاڻي واري معاملي جي ڊاڪيومينٽري هلايون ته هُو پاڻ به ڏسي سگهن، سڀاڻي ڪير ائين نه چوي ته اهڙو فيصلو ڪيئن ۽ ڇو ڪيو ويو. وڏي وزوير سان گڏ ان جا ڪرتا ڌرتا به ڀلي اچن. چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وڏي وزير سان گڏ سندس ڇاڙتا به پيش ٿين، ته جيئن سڀني کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪو فيصلو ڏيون. سڀ خبر آهي ته ڪير ڪم ڪري پيو ۽ ڪير نه، هاڻي بهانا پاڻ رکيا وڃن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾، چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ صاف پيئڻ جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، صحت کاتي جو سيڪريٽري فضل الله پيچو هو گهرو کاتي جو سيڪريٽري، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوييج بورڊ سميت لاڳاپيل کاتن جا عملدار پيش ٿيا.

چيف جسٽس ثاقب نثار عملدارن سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته گندي پاڻي سبب ماڻهو ڪينسر، هيپاٽائيٽس ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهيون، هن معاملي کي عام نه سمجهو هي معاملو انتهائي اهم ۽ سنجيده آهي. پاڻي کي صاف ڪرڻ جو ڪم عدالتن جو نه پر حڪومت جو هوندو آهي، هو هتي اهو ڄاڻڻ آيو آهي ته جنهن ڪم لاءِ پيسا ورتا ويا، اهو پيسو آخر ڪٿي لڳايو ويو، ڪهڙا ماڻهو هن ڪريل ڪم ۾ ملوث آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته گهڻو ٿي ويو هاڻ سخت ايڪشن وٺنداسين، تعليم ۽ صحت لاءِ ڪم نٿو ڪيو وڃي، ڪروڙين رپين جون اسڪيمز هلائڻ باوجود ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه پيو ٿئي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته، هاڻي پاڻي وارو مسئلو ”واٽر بم“ بڻجي ويو آهي. اسان کي خبر نه آهي ته ڪير ڪهڙي وقت انچارج هو، پر هاڻي پڇاڻو ان کان ٿيندو جيڪو سڄي معاملي جو مجموعي طور تي انچارج آهي.

ان موقعي تي پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندڙ، ناميارو وڪيل شهاب اوستو عدالت ۾ پاڻي واري معامي تي ٺاهيل هڪ وڊيو ڊاڪيومينٽري ڏيکاري. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ ۾ ماڻهون ڪيئن گندو پاڻي پي رهيا آهن. جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پيمرا کي گهرجي ته هن وڊيو کي ٽي وي چئنلز تي هلرائي ماڻهن کي ڏيکاري؛ جيئن عوام کي خبر پوي ته کين ڪهڙيءَ ريت گندو پاڻي پياريو پيو وڃي. جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته، هي ڪم سنڌ حڪومت جو آهي، هن سنگين معاملي لاءِ هر هفتي هتي اچي سگهان ٿو، خبر آهي ته ڪير ڪم ڪري پيو ۽ ڪير نه، بهانا پاڻ وٽ رکيا وڃن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چاهيون ٿا ته اسان جي ايندڙ نسل کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي، چيف سيڪريٽري ڪجهه نٿو ڪري سگهي ته وڏو وزير پنهنجي ڇاڙتن سان گڏ پيش ٿي ته جيئن گڏ ويهي سگهن، حيرت جي ڳالهه آهي ته لاڙڪاڻو حڪمران جماعت جو ڳڙهه آهي پر 88 سيڪڙو پاڻي گندو فراهم ڪيو پيو وڃي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ڪنهن لاءِ بغض نٿا رکون، نٿا چاهيون ته فيصلو ڏيون ته ڪو چوندو ڦري ته فيصلو ڇو ڏنو، سوچي سمجهي فيصلو ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

One comment

  1. CM San had Hun ja “chharta” b parish than. Eha news language nahe seen

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *