Saturday , April 20 2024

پيءُ ۽ ٻن پٽن جو قتل:دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس،پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو سميت ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيو

 

دادو ( خاص نمائندو     سنڌ سماءَ چار) پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو سميت 7 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت 3 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود دادو پوليس پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو سميت ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي. ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته، سردار چانڊيو خلاف ثبوت ناهن مليا، جيئن ئي ثبوت مليا ته گرفتاريون ڪنداسين. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد ثبوت ڳولڻ جي ضرورت ناهي هوندي، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لازمي آهي.

ڪيو ويو آهي، پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي دادو سردار چانڊيو کي گرفتاري کان بچڻ لاءِ جلد پنهنجو بندوبست ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. ميهڙ ۾3 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي حملي ۾ پيءُ ۽ ٻن پٽن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو سميت 7 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويوآهي.

 ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جو جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيوفريال ٽالپر سان گڏ (فائل فوٽو)

يونين ڪائونسل اڳوڻي نائب ناظم ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل جو ڪيس ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت به قلم شامل ڪيا ويا آهن. ان باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ايف آءِ آر ۾ پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار چانڊيو، سندس ڀاءُ برهان چانڊيو، غلام مرتضيٰ، علي گوهر، سڪندر، ذوالفقار ۽ مارجي ويل هٿيار بند غلام قادر عرف قادو چانڊيو کي نامزد  ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن هٿياربندن شهر جي احمد ڪالوني واري علائقي ۾ گهر تي حملو ڪيو هو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس پٽ مختيار چانڊيو، قابل چانڊ يو ۽ حملو ڪندڙ  غلام قادر چانڊيو مارجي ويا هئا.

ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي                                       پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو  

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو قمر  رضا جسڪاڻي هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، قتل ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته، ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل سردار چانڊيو سميت ٻين جوابدارن خلاف قتل جا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

   ناميارو قانوندان اَي بي لاشاري    

ٻن پٽن سميت پيءُ جي قتل ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ بابت نامياري قانوني ماهر اي بي لاشاري سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، ”قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن به واقعي جو ڪيس داخل ٿي وڃي ته پوءِ جوابدارن جي گرفتاري لازمي هجي. جوابدار جيڪڏهن ضمانت نه ٿا ڪرائين ته انهن جي گرفتاري کان اڳ ثبوت هٿ ڪرڻ جي گنجائش ناهي هوندي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻو ئي پوندو آهي“. اي بي لاشاري ايڊووڪيٽ چيو ته، قتل جي ايف آءِ آر ۾ ان سان گڏ جيڪڏهن دهشتگردي ايڪٽ به شامل هجي ته پوءِ هرصورت ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ قانوني ضرورت آهي. اهڙي ڪيس ۾ اهو جواز نه رڳو بي بنياد آهي پر غير قانوني به آهي ته، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، اهڙو عمل قانون جي خلاف آهي، جيڪڏهن ڪو به پوليس آفيسر اهڙو جواز ڄاڻائي ٿو ته اُهو غير قانوني عمل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *